لاڙڪاڻو( رپورٽ: علي ساجد ) جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ نيشنل پارٽي جو سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڏوڪري ۽ باڊهه ٿاڻن تي داخل ڪيسن جي سلسلي ۾ ڪالھ لاڙڪاڻي جي فرسٽ ايڊيشنل اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيلن سميت پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر طرفان پيش نه ٿيڻ تي عدالت جاچ آفيسر جي پگهار ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ۾ ٻه شاهد ٿي ويا آهن ۽ جاچ آفيسر جنهن کي فرصت ئي ڪونهي جو ڪورٽ جي نوٽيس تي اچي، هن چيو ته ڪراچي هڪ ڪميونٽي جو نه پر سڀني جو شهر آهي، ڪراچي سنڌ جي گادي وارو شهر آهي، جيڪو پهريان سنڌي ماڻهن، پوءِ اتان جي رهواسين ۽ بعد ۾ ٻاهريان آيلن جو شهر آهي، ڪراچي جي وسيلن تي سڀني جو حق آهي، ڪراچي تي رڳو هڪڙي ڪميونٽي جو حق ناهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت طرفان ڪڻڪ جي سپورٽ پرائيز جو اعلان نه ڪرڻ جو فائدو مڊل مين کي ٿيو آهي، ھاڻي به سارين جو ريٽ ناهي هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن سان ڪجهه به ٿي سگهي ٿو اهو کڻي ايم اين اي هجي، وزير هجي، نواب هجي، خان هجي، قبائلي سردار هجي، ان موقعي تي جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس خاندان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن جو استحصال جاري آهي هي حڪومت سنڌ جي سڀني مسئلن تي ناڪام وئي آهي، 18 سالن جي هن حڪومت ۾ انفرااسٽرڪچر جي جيڪا تباهي ٿي آهي، اسين ڪٿي منهن کڻي نه ٿا چئي سگهون ته هي سنڌ جي نشاني آهي