سکر(رپورٽر ) جمعيت علماء اسلام صوبه سنڌ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ۽ ضلع سکر جي امير مولانا محمد صالح انڍڙ چيو آهي ته سال 2022ع جي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي گهٽيل گهرن جي تعمير لاءِ جاري ٿيل فنڊ ڪرپشن جي نذر ٿي چڪا آهن۔اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل سرڪاري امدادي فنڊز هينڊز ۽ سنڌ بينڪ جي ڳٺ جوڙ ۽ مبينه بدعنواني سبب ختم ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ متاثر خاندان سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن ۽ پنهنجن گهرن جي تعمير کان محروم آهن۔هن سنگين صورتحال تي جمعيت علماء اسلام ضلع سکر پاران 2 نومبر تي پنو عاقل کان سکر تائين لانگ مارچ ڪڍيو ويندو۔هن عوام، سيلاب متاثرين، ڪارڪنن، هارين ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کان اپيل ڪئي آهي ته هو هن احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن، ته جيئن ڪرپٽ مافيا کي بي نقاب ڪري متاثرين کي سندو حق ڏياري سگهجي۔