ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه اڄ جمعي تي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ثقافتي ميلي جو افتتاح ڪندو، ان سلسلي ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران “ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025ع” جي حوالي سان هڪ اهم پريس ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي صدر محمد احمد شاهه ۽ ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي فيسٽيول جي تفصيلن بابت بريفنگ ڏني.احمد شاهه ٻڌايو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه شام پنجين وڳي ورلڊ ڪلچر فيسٽيول جو افتتاح ڪندو، جڏهن ته 6 وڳي ريڊ ڪارپيٽ تقريب ٿيندي، جنهن ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. ورلڊ ڪلچر فيسٽيول 2025ع ۾ دنيا جي 6 کنڊن مان 141 ملڪن جا فنڪار شرڪت ڪندا ۽ 1000 کان وڌيڪ آرٽسٽ پنهنجو فن پيش ڪندا. فيسٽيول جي پهرين ڏينهن امين گل پنهنجي فن جو شاهڪار پيش ڪندو، جڏهن ته افتتاحي تقريب ۾ شاهه جا فقير (پاڪستان)، لڪي ٽاسڪر (بيلجيم)، شيرين جواد (بنگلاديش)، ذاڪريا حراف (فرانس)، ۽ Ballet Beyond Borders جي رقص ۾ مختلف ملڪن جا ناچ ڪندڙ حصو وٺندا. ان سان گڏ ڪنگو جا اسٽريٽ ڊانسرز ۽ نيپال جو مدن گوپال پنهنجي آواز جو جادو ڏيکاريندو. محمد احمد شاهه چيو ته اسان بنگلاديش، ارجنٽينا، سوئيڊن، ڪوسوو، نيپال، شام ۽ ٻين ملڪن کان آيل فنڪارن کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا ڪريون. آمريڪا، يوڪرين ۽ روس جا فنڪار به فيسٽيول ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان جي سڀني صوبن جا فنڪار پڻ شامل آهن. فيسٽيول جي تيارين ۾ سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ ڪراچي جي انتظاميا مڪمل طور تي شامل آهي، جيئن ٻاهرين مهمانن کي آرامده ۽ محفوظ ماحول ملي سگهي. فيسٽيول ۾ ڪلاسيڪل، فوڪ، پاپ، ۽ جين-زي ميوزڪ ۽ ڊانس شامل آهن. احمد شاهه ٻڌايو ته دنيا جي مختلف ملڪن مان 3350 فلمون مليون آهن، جن مان 300 کان وڌيڪ فلمون انعام يافته آهن .