پي آءِ اي پاران ايف بي آر نالي اوڳاڙيل 28 ارب پاڻ هڙپ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سڪريٽري نجڪاري ڪميشن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان جي قومي ايئر لائن پي آءِ ايءَ ايف بي آر (فيڊرل بورڊ آف ريوينييو) جي نالي تي 28 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪيو، پر اها رقم پي آءِ اي پاڻ استعمال ڪري ڇڏي. نجڪاري بابت سينيٽ اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي سڪريٽري نجڪاري ڪميشن چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري جو عمل جاري آهي، جنهن کي ڊسمبر تائين مڪمل ڪري ڇڏينداسين. اميد آهي ته هن ڀيري قومي ايئر لائن جي بولي چڱي لڳندي. نجڪاري لاءِ 4 ڪنسيورشيم حصو وٺي رهيا آهن. ڪميٽي جي ميمبر بلال احمد خان سوال ڪيو ته قومي ايئر لائن جي ملازمن جي خدشن لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي؟”سڪريٽري نجڪاري ڪميشن جواب ڏنو ته واڪ ڏيندڙن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ته ملازمن کي مخصوص عرصي تائين برقرار رکيو وڃي.