ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو اسان لاءِ شرم جي ڳالهه آهي: ضياءُ لنجار

نوشهرو فيروز(عوامي آواز رپورٽ) سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ ڌاڙو اسان لاءِ شرم جي ڳالهه آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ضياءُ لنجار چيو ته حيدرآباد ۾ به اهڙي واردات جي ڪوشش ڪئي، اميد ته جلد جوابدار گرفتار ٿيندا. هن چيو ته هو امن امان جي صورتحال کان مطمئن آهي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته نوشهرو فيروز ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ آهي، ڪا اغوا جي واردات ناهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.