وزيراعظم جي صدر سان ملاقات، آزاد ڪشمير حڪومت سازي تي ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ اهم سياسي معاملن ۽ پاڪ افغان لاڳاپن تي تفصيل سان ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات جو مقصد آزاد ڪشمير ۾ نئين حڪومت جي جوڙجڪ ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ هو. ذريعن موجب ملاقات ايوان صدر ۾ ٿي، جتي بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير محسن نقوي، راجا پرويز اشرف، طارق فضل چوڌري، فاروق ايچ نائڪ ۽ شيري رحمان پڻ موجود هئا. ان کان سواءِ وزيراعظم جو سياسي مشير راڻا ثناء الله، وزير قانون اعظم نذير تارڙ ۽ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار وڊيو لنڪ ذريعي ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف زرداري کي پنهنجي سعودي عرب جي دوري بابت آگاهي ڏني ۽ ملاقات دوران آزاد ڪشمير جي سياسي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويو. ذريعن موجب، نئين وزيراعظم آزاد ڪشمير جي چونڊ ۽ حڪومت جي جوڙجڪ بابت پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي پڻ غور ڪيو ويو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، صدر مملکت کي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.