انڊس ويلي سويلائزيشن يعني "موهن جو دڙو” جنھن کان 12–13 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي محرابپور نالي ھڪ ننڍڙو ڳوٺ آھي، جتي رئيس حاجي شير محمد خان جتوئي جي گھر ۾ 10-3-1949 تي ھڪ عظيم ذهن جو جنم ٿيو، اهڙو ذهن جنھن مان انقلاب جي خوشبوءِ پئي آئي، جنھن مان اميد جي خوشبو پئي آئي، جنھن مان سخاوت ۽ بغاوت جي خوشبو پئي آئي۔
ڪامريڊ محمد خان سنڌي پورهيت سنگت جو بنياد وجهندڙ ۽ ان جو پھريون چيئرمين ھو۔ ھن پنھنجي سياسي سفر ۾ هزارين نوجوان تيار ڪيا ۽ ھن جھڙي عظيم ذهن مان هزارين نوجوانن اتساهه ورتو۔ ھن وطن جي خوشحالي ۽ سنڌي قوم جي مالڪي ۽ ان جي آزاديءَ لاءِ ھر ممڪن ڪم ۽ ڪوششون ڪيون۔ ھو اڄڪلهه جي ڪامورن جيان پئسي جو پوڄاري بلڪل نه ھو۔ ها، مگر ھو پوڄاري ھو ته صرف ھومينزم جو، تصوف جو، سيڪيولرزم ۽ مارڪسزم جو، جي.ايم. سيد ۽ لطيف جو پوڄاري ھو۔ ھن پنھنجي حياتي ھڪ سچي ۽ بهادر اڳواڻ جيان گذاري۔ جيئن چي گويرا چيو آهي: “سچو ۽ بهادر اڳواڻ اھو آهي جيڪو پنھنجي ذات لاءِ نه، پر انسانيت ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ قرباني ڏئي، محبت ۽ انصاف سان اڳواڻي ڪري۔” ھن عظيم ڏاهي ۾ اھي سڀ ڳڻ ھئا۔ ھو عام ماڻھو بلڪل نه ھو؛ ھن جھڙا ماڻھو تاريخ ۾ تمام گھٽ پيدا ٿين ٿا۔ اھڙيون عظيم شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿين ٿيون۔ ھو ٽپيڪل سادو ماڻھو ھو، صوفي ماڻھو ھو۔ ھن پاڻ کي ھر ماڻھو ۾ ڏٺو ھو؛ ھو فقيرن سان فقير، ته ڏاڍن سان ڏاڍو ھوندو ھو۔ ھن جي ھر ماڻھو تي بيشمار سائٿ ھئي۔ ھو ذهين ۽ سمجھه سان روشن ھو۔ ھو پوليٽيڪل سائنس ڄاڻندو ھو، علمِ نفسيات مان آگاهه ھو، ورلڊ هسٽري ۽ عالمي ادب ڄاڻندڙ ھو۔ ھو لطيف ۽ ڀڳت ڪبير کي ڄاڻيندو ھو۔ ھو جڏھن به جنھن به ماڻھو سان سياسي يا ادبي بحث مباحثو ڪندو ھو ته هميشه ھنن کي پنھنجي ڄاڻ ۽ دليلن سان شڪست ڏئي ڇڏيندو ھو، ۽ ھو پھرين ئي ملاقات ۾ اڳلي جي دل ۾ پنھنجي جاءِ ٺاهي ويندو ھو۔
هونئن ته ڳوٺ محرابپور ۾ ڪيتريون ئي اوطاقون آهن ــ ڪي سڄو ڏينهن خالي ته ڪن ۾ وري پٿاري دار، چور ۽ ڪامورا شاهي ويٺل نظر ايندا ــ پر محمد خان جتوئي جي اوطاق اھا اوطاق رھي آهي جيڪا سدائين ادبي، سياسي ۽ سماجي ڪچهرين جو مرڪز رھيو آهي، جنھن مان ھزارين قومي ڪارڪنن فائدو ورتو آهي۔ ھي اوطاق مسافرن جو گھر به رھي آهي، پناهگيرن لاءِ ڇانوَ به، صوفين جو آستانو به ۽ بخايلن لاءِ پيٽ پوڄا جو ذريعو به۔ اھا اوطاق محمد خان جتوئي سان ٺهندي هئي۔ ھن جي غيرموجودگي ۾ اوطاق خالي ۽ ويران لڳندي آھي، ۽ جڏھن ڪراچيءَ مان موٽندو ھو ته ھن جي اچڻ سان ڪيترائي ماڻھو اوطاق تي گڏ ٿي ويندا ھئا، اين لڳندو ڄڻ ته ڪو خاص ڏينھن اچي ويو آهي۔
جيئن سر سامونڊي ۾ وڻجارن لاءِ مشهور آهي ته ھو واپار لاءِ ٻيڙين تي سمنڊ پار ڪري ھليا ويندا ھئا، ۽ جڏھن واپس موٽندا ھئا ته ھيرن ۽ موتين سان مالامال ٿي ايندا ھئا، ۽ ھنن لاءِ مشهور آهي ته “ڄڻ ته ڪو لٽ ڪريون پيا اچن۔”۽ محمد خان جتوئي به جڏھن ڪراچيءَ مان موٽندو ھو ته اين لڳندو ھو ته “ڄڻ ته ڪو لٽ ڪري پيو اچي” ــ پر اھا ناڻي، حيرن ۽ موتين جي نه، پر ماڻھن جي لٽ ھوندي ھئي۔ ھن جي ماڻھن تي ايتري ساعٿ ھوندي ھئي جو ڪراچيءَ مان اوطاق تي پھچندو ئي مس ھو ته ڪيترائي ماڻھو ملڻ ايندا ھئا، ننڍا توڙي وڏا چوندا ھوا ته “رئيس محمد خان آيو آهي۔” ڪي ماڻھو کيس “رئيس محمد خان”، ڪي “خان”، ته ڪي وري عمر جي وڏي ھجڻ ڪري “بابا خان” چوندا ھئا۔ رشتي ۾ ھو منھنجو ٻيون نمبر وڏو چاچو ھو، پر مون جڏھن اکيون کوليون ته ھن کي “بابا” ڪري ڪوٺيو۔ ھو نه صرف منھنجو چاچو ھو پر منھنجو استاد به رھيو۔
11 سيپٽمبر 2025 تي ھن شخصيت جو اسان کان وڇڙڻ، اسان گھر ڀاتين جي ۽ قومي ڪارڪنن جي دلين ۾ ھڪ نه ڀرجندڙ خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، برابر ھو اسان کان جسماني طور گڏ ناھن پر ھن جو ڪردار هميشه زنده رھندو۔ منھنجي خواهش ھئي ته ھو ڪجهه عرصو اڃا اسان سان گڏ رھي ھا ۽ اسان جي جواني ۽ خوشيون ڏسي ھا۔ جيئن لطيف چيو آهي
رئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن
مونکي چاڙھي چين ، ويو وڻجارو اوھري
ڪامريڊ محمد خان سنڌي پورهيت سنگت جو بنياد وجهندڙ ۽ ان جو پھريون چيئرمين ھو۔ ھن پنھنجي سياسي سفر ۾ هزارين نوجوان تيار ڪيا ۽ ھن جھڙي عظيم ذهن مان هزارين نوجوانن اتساهه ورتو۔ ھن وطن جي خوشحالي ۽ سنڌي قوم جي مالڪي ۽ ان جي آزاديءَ لاءِ ھر ممڪن ڪم ۽ ڪوششون ڪيون۔ ھو اڄڪلهه جي ڪامورن جيان پئسي جو پوڄاري بلڪل نه ھو۔ ها، مگر ھو پوڄاري ھو ته صرف ھومينزم جو، تصوف جو، سيڪيولرزم ۽ مارڪسزم جو، جي.ايم. سيد ۽ لطيف جو پوڄاري ھو۔ ھن پنھنجي حياتي ھڪ سچي ۽ بهادر اڳواڻ جيان گذاري۔