گستاخ ڪشمير

تحرير: حامد مير

تاريخ وڏي ظالم شئي آهي. تاريخ مان سبق نه سکيو وڃي ته پاڻ کي بار بار ورجائي ٿي ۽ اهڙي نموني ورجائي ٿي جو سبق نه سکڻ وارن جو جاگرافيائي نقشو تبديل ڪري ڇڏي. اڄ مان اوهان سامهون آزاد ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪجهه اھڙيون گستاخيون پيش ڪرڻ ٿو چاهيان جيڪي يقيناً اوهان جي طبيعت تي ڳري گذرن ٿيون، پر منهنجو مقصد صرف اوهان کي خبردار ڪرڻ آهي ته اوهان اهڙيون غلطيون نه ڪريو جيڪي آزاد ڪشمير کي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ تبديل ڪري سگهن. شايد اوهان کي خبر ئي نه هجي ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي، اهي ئي ساڳيا واقعا اڄ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ٿي رهيا آهن.

آزاد ڪشمير جي تاريخ کان ناواقف پاڪستان جي اختيار وارن ۾ بار بار پراڻيون غلطيون ورجائڻ ۾ پنهنجو ثانين نه رکيو آهي، انهيءَ ڪري انهن هڪ تحريڪ عدم اعتماد ذريعي انهن غلطين تي پردو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي، جن جو نتيجو احتجاجي تحريڪ جي صورت ۾ نڪتو. انهن اختيار وارن کان گذارش آهي ته آزاد ڪشمير ۾ چار سالن ۾ چوٿون وزيراعظم آڻي توهان اُن سياسي ڪردارن جي خلاف عوامي نفرت ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪريو جيڪي اڳ ۾ ئي عوام جي نفرت جا شڪار آهن. هن تحريڪ عدم اعتماد ۾ سياسي وفاداريون وڪڻندڙ نه ته پاڻ لاءِ عزت ڪمائي سگھندا ۽ نه ئي آزاد ڪشمير جي ماڻهن کي پاڪستان جي عزت ڪرڻ جو ڪو نئون جواز ڏئي سگهندا.

آزاد ڪشمير وارن جو سياسي مزاج مقبوضه جمون و ڪشمير وارن سان ملندڙ جلندڙ آهي. ڪشميري آزادي جي تحريڪ پاڪستان کان گهڻي پراڻي آهي. هن وقت پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب جي حڪمران اشرافيه پنجابي قوم پرستي جي جذبن ۾ ايتري مشغول آهي جو رنجيت سنگھ کي پنهنجو هيرو قرار ڏئي ڇڏي آهي. ڪير هن حڪمران اشرافيه کي ٻڌائيندو ته گستاخ ڪشميري ڀڳت سنگهه جهڙن حريت پسندن کي پنهنجو هيرو بڻائي سگھن ٿا پر مهاراجه رنجيت سنگھ جا پرستار نٿا بڻجي سگهن؛ ڇو ته 1819ع ۾ جڏهن رنجيت سنگھ جي فوج ڪشمير تي حملو ڪيو تڏهن سکھ فوج جي ظلم خلاف پونڇ ۽ مظفرآباد ۾ بغاوت اڀري هئي. 1837ع ۾ زبردست خان مظفرآباد ۾ پنهنجي باغي حڪومت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 1846ع ۾ انگريزن جمون و ڪشمير کي راجا گلاب سنگھ کي وڪرو ڪري ڇڏيو. گلاب سنگھ جي خلاف پونڇ جا سردار شمس خان ملایال، سبز علي خان ۽ ملي خان جي مزاحمت ڪشميرين جي تاريخ جو فخر انگيز باب آهي. منگ ۾ اڄ به اهو وڻ موجود آهي جن تي سبز علي خان ۽ ملي خان جون لاشون ٽنڊل ڪيون ويون هيون.

1929ع ۾ پونڇ ۾ هڪ ٻي بغاوت سردار فتح محمد خان ڪريلوي منظم ڪئي، جيڪو لاهور وڃي علامه اقبال کان رهنمائي وٺندو هو. 13 جولاءِ 1931ع تي سرينگر ۾ ڊوگره پوليس 22 مسلمانن کي شهيد ڪيو، ۽ انهيءَ واقع جي خلاف 14 آگسٽ 1931ع تي علامه اقبال لاهور ۾ جلسو ڪيو ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جو اعلان ڪيو. 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جو قيام ٿيو، ۽ 24 آڪٽوبر 1947ع تي آزاد ڪشمير جي عبوري حڪومت قائم ڪري سردار ابراهيم خان کي سربراهه مقرر ڪيو ويو. هن حڪومت جو اصل مقصد ڀارت جي قبضي هيٺ علائقن کي آزاد ڪرائڻ هو، پر پاڪستان جي حڪمرانن آزاد ڪشمير ۾ پاور پالٽڪس جو گندو راند شروع ڪري ڇڏيو.

مسلم ڪانفرنس جا سربراهه چوهدري غلام عباس ۽ سردار ابراهيم خان وچ ۾ ٽڪراءُ شروع ٿيو؛ سردار ابراهيم خان جي حڪومت ختم ڪئي وئي. 1950ع ۾ سردار ابراهيم خان جي حڪومت جي بحالي لاءِ آزاد ڪشمير ۾ شدت پسند تحريڪ شروع ٿي. منگ ۾ هڪ متوازي حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ اصل حڪومت جي دفتري دروازن تي تالا لڳايا ويا. مسلم ڪانفرنس ورهايو ويو. لياقت علي خان آزاد ڪشمير ۾ متوازي حڪومت قائم ڪندڙن کي ڪچلڻ لاءِ راولاڪوٽ  ۾ فوجي آپريشن ڪرايو. عوام ۽ فوج منهن سامهون آيا. ٽن ڏينهن تائين فوج ۽ سدهن قبيلا ۾ ٽڪر ٿيو، جنهن جو ذڪر جسٽس يوسف صراف جي تاريخِ ڪشمير سميت ڪيترين ڪتابن ۾ ملندو آهي.

تازو شايع ٿيل ڪتاب آزاديءَ کان پوءِ ۾ دانش ارشاد لکي ٿو ته 1952ع ۾ پونڇ وارن منٿلي ڏيو جي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ پوليس جا هٿيار ڇنڊيا ويا، ۽ اها سول نافرماني جي تحريڪ ۾ تبديل ٿي وئي. خان محمد خان المعروف خان آف منگ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي متوازي حڪومت قائم ڪئي. هن دفعي پاڪستان حڪومت فوج بدران پنجاب ڪنسٽيبليريءَ کي پلندري، منگ، ملوٽ ۽ حويلي علائقن ڏانهن موڪليو ته مقامي پوليس خان آف منگ جي حمايت ڪرڻ لڳي. خان آف منگ ڊپٽي ڪمشنر کي گرفتار ڪيو ۽ جيل مان قيدين کي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ ڀيرو ٻيهر فوج سڏڻي پئي ۽ خان آف منگ لائن آف ڪنٽرول پار ڪري ڀارتي قبضي وارن علائقن ڏانهن ويا. ڀارت انهن کي تعاون جي آڇ ڪئي جيڪا هنن رد ڪري ڇڏي. واپس اچڻ تي انهن کي گرفتار ڪيو ويو. ميجر جنرل ابو بڪر عثمان مٺا جي ڪتاب بمبئي کان جي ايڇ ڪيو تائين ۾ پونڇ آپريشن جي تفصيل موجود آهي.

1957ع ۾ سردار ابراهيم خان ٻيهر حڪومت حاصل ڪئي ۽ پونڇ جي حالتن معمول تي آيائون. انهيءَ دور ۾ ميرپور وارن منگلا ڊيم نامنظور تحريڪ شروع ڪئي. وري هڪ دفعو طاقت جو استعمال ٿيو، پر 1962ع ۾ جنرل آيو ب خان منگلا ڊيم جو سنگِ بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. 1981ع ۾ پاڻي مهانگو ڪرڻ خلاف ميرپور بار ايسوسيئيشن سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي، جيڪا سموري آزاد ڪشمير ۾ پکڙجي وئي. 2022ع ۾ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي خلاف ٻي تحريڪ اڀري. هن ۾ جمون و ڪشمير جوائنٽ عوامي ايڪشن ڪميٽي سامهون آئي. چوهدري انور الحق جي حڪومت طاقت سان هن تحريڪ کي دبائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ناڪام ٿي. پاڪستاني رياست جي فنڊز سان سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪندڙن عوامي حقن جي ان تحريڪ تي ڀارت جي ليبل لائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام رهي. حڪومت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي مطالبن کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر عملدرآمد کان پاسو ڪيو، انهيءَ ڪري هي تحريڪ 5 فيبروري 2024ع تي ٻيهر ڀڙڪي. هڪ ڀيرو ٻيهر مذاڪرات ذريعي تحريڪ کي ٿڌو ڪيو ويو؛ پر مطالبن پورا نه ٿيڻ تي 2025ع ۾ اها تحريڪ وڌيڪ شدت سان اڀري. هاڻ ٽئين ڀيري مذاڪرات ذريعي هن تحريڪ کي عارضي طور روڪيو ويو.

پراڻن اختيار وارن جو خيال آهي ته آزاد ڪشمير جي نوجوانن ۾ وڌندڙ بيزاري ختم ڪرڻ لاءِ چوهدري انور الحق کي هٽائڻ ضروري ٿي پيو آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته چوهدري انور الحق آزاد ڪشمير جو انتهائي غير مشهور وزيراعظم هو، پر هو فقط انهيءَ سسٽم جي هڪ چهرو هو جيڪو ڏهاڪن کان آزاد ڪشمير تي مسلط آهي. انهيءَ سسٽم خلاف بار بار پونڇ، ميرپور ۽ مظفرآباد ۾ بغاوتون ٿينديون رهيون. آزاد ڪشمير کي اسلام آباد کان ريموٽ ڪنٽرول ذريعي هلائيندڙ هي سسٽم ڪشميري نوجوانن ۾ بيچينيءَ جي اصل وجهه آهي.

ڪشميري مسئلو اهو آهي ته اهي خان آف منگ جهڙن ماڻهن جي ڀارتي سازش سان نفرت ڪن ٿا، پر اها مجبوري انهن لاءِ ڪمزوري نه ٿي سگهي. اهي جڏهن ٿاچاهن رستن تي نڪرڻ ۽ رياستي بيانصافيءَ جو مقابلو ڪرڻ جي همت رکندا آهن. تنھن لاءِ انهن کي نئين وزيراعظم جي نه پر نئين سسٽم جي ضرورت آهي  انهيءَ سسٽم جي جنهن جو وعدو قائد اعظم ڪيو هو؛ اهو ئي سسٽم جيڪو آزادي، انصاف ۽ جمهوريت جي اصولن تي هلي. آزاد ڪشمير کي ‘‘لوٽاڪريسي’’ نه پر ڊيموڪريسي جي ضرورت آهي.

رڳو آزاد ڪشمير ئي نه، پر بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ، پنجاب ۽ گلگت بلتستان جا به سڀ مسئلا صاف ۽ شفاف چونڊن سان حل ٿي سگهن ٿا. مان ڄاڻان ٿو ته اختيار وارن کي صاف ۽ شفاف چونڊن جو خيال پسند نه ٿيندو، پر مون آزاد ڪشمير جي تاريخ جا ڪجهه واقعا اوهان سامهون رکي پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. پاڪستان سان محبت جي نالي تي اوهان ڪشميرين سان بار بار وعده خلافين نٿا ڪري سگهو. ڪشميرين جو پاڪستان سان تعلق مضبوط ڪرڻ جو واحد رستو اهو آهي ته آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان کي صاف ۽ شفاف چونڊن جي ذريعي پنهنجي نمائنده حڪومت قائم ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. گستاخ ڪشميرين رنجيت سنگھه کان پنهنجو واروَ کڻي وٺن ٿا پر ظلم خلاف مزاحمت کان باز نٿا اچن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.