مورو (ن ع آ)مورو ڀرسان حدِ درس ٿاڻي جي ڳوٺ جمعو نوريو ۾ لنجار برادري جي ٻن ڌرين ۾ فصل جي ڀيل تان جھيڙو ٿيڻ سبب فائرنگ جي واقعي ۾ 25 سالن جو نوجوان اوشاق علي ولد حسين بخش لنجار قتل ٿي ويو.مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته “اسان جي زمين تي اسان جا ويجھا عزيز فصل جي ڀيل ڪري رھيا ھئا، جن کي منع ڪرڻ تي اسان مٿان گوليون ھلايون ويون، نتيجي ۾ اسان جو نوجوان اوشاق علي قتل ٿي ويو.وارثن الزام لڳايو ته فائرنگ ڪندڙن ۾ بهاول لنجار، عارف لنجار، عباس لنجار، گلشير لنجار ۽ جبار لنجار شامل آهن جن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو وارثن مطالبو ڪيو آهي ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي جڏهن ته درس پوليس پاران واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.