پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ 40 لک ماڻھن کي مستقل خوراڪ ميسر ناھي: ڪسان مزدور تحريڪ

سکر (رپورٽ سيد نعيم شاھ)پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ (PKMT) جي اڳواڻن حاڪم گل مھر ۽ علي نواز جلباڻي سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪند چيو آھي ته پاڪستان حڪومت جون /ڏسو صفحو 7 ڪالم 2 هاري دشمن پاليسيون ۽ زرعي خودمختياري تي حملا ملڪ کي خوراڪ جي  بحران ڏانھن ڌڪي رھيون آھن۔ سکر پريس ڪلب ۾ هنن چيو ته حڪومت ھن سال به ڪڻڪ  جي امدادي اگهه جو اعلان نه ڪري ننڍن ۽ زمين کان محروم آبادگارن ۽ هارين کي سخت معاشي دٻاءَ ۾ وجھي ڇڏيو آھي،هنن چيو ته  ڀاڻ، ٻج، ۽ زرعي دوائن جي اگهن ۾ بي پناھ واڌ سبب آبادگارن لاءِ پيداواري خرچ پورو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آھي، جڏھن ته بين الاقوامي زرعي ڪمپنيون وڏو منافعو ڪمائي رھيون آھن۔پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ موجب اقوام متحده جي خوراڪ ۽ زراعت بابت اداري (FAO) جي 2020-24 واري رپورٽ مطابق پاڪستان جي غذائي صورتحال اڳ کان وڌيڪ خراب ٿي وئي آھي۔ رپورٽ موجب ملڪ جي 42.1 سيڪڙو آبادي، يعني لڳ ڀڳ 10 ڪروڙ 40 لک ماڻھن کي مستقل خوراڪ ميسر ناھي۔ عالمي بک انڊيڪس 2025 ۾ پاڪستان 123 ملڪن مان 106ھين نمبر تي آھي، جيڪا تمام سنگين صورتحال کي ظاهر ڪري ٿي،هنن چيو ته  عالمي سطح تي خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ ۽ موسمياتي بحران جي باوجود حڪمران طبقي زراعت کي سرمائيدار پاليسين تحت آزاد منڊي جي رحم وڪرم تي ڇڏيو آھي،اڳواڻن اعلان ڪيو  ته  جيڪڏھن حڪومت هارين جي جائز مطالبن تي فوري عمل نه ڪيو ته  ملڪ گير احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.