ڪراچي افغان بستي ۾ آپريشن،شيلنگ،7 زخمي،25 گرفتار

ڪراچي اوڀر/گڏاپ(نمائندا ) ڪراچي نادرن باء پاس وٽ قائم ٿيل افغان بستي کي ڊاھڻ لاءِ  پوليس اينٽي انڪروچمينٽ ۽ رينجرز طرفان ٻئي ڏينھن بـ ھيوي مشينري ساڻ ڪري چڙھائي ڪري ڏني ۽ گھرن کي  بلڊوز ڪرڻ شروع ڪيو تـ اتي آباد ٿيندڙ سنڌي ماڻھن پوليس جي چڙھائي خلاف سخت احتجاج ڪيو جنھن بعد پوليس طرفان احتجاج ڪندڙ ماڻھن مٿان لاٺي چارج ۽ انھن مٿان شيل فائر ڪيا ويا جنھن ۾ ڪامريڊ شبير راڄپر، مشتاق اڄڻ محمد علي ناريجو،رحمت الله جوڻيجو ، محمد بخش اڄڻ سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جڏھن تـ پوليس فرخ شاھ سرھندي سميت پندرنھن ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آھي افغان بستي ۾ آباد ٿيندڙ سنڌي ماڻھن مٿان ڪيل لٺبازي شيلنگ ۽ گرفتارين خلاف پوليس جي لٺبازي ۾ زخمي ٿيندڙ ڪامريڊ شبير راڄپر امن راڄپر وڪيل غلام رسول ڏاھري سان گڏ ڊسٽرڪٽ ايسٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ افغان بستي ۾ افغانين جي وڃڻ بعد بعد اتي اسان سنڌي ماڻھن کي آباد ڪري رھيا ھئاسين مگر حڪمرانن ڏاڍ زيادتي جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آھن پوليس ذريعي سنڌي ماڻھن مٿان تشدد ڪرايو ويو آھي فرخ شاھ سرھندي سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي ھوڏانھن عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو, جمن تنيو، سنڌ عوامي سٿ جي اڳواڻ رياض کيمٽيو صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ افغان بستي ۾ غيرقانوني طور تي افغاني آباد ٿيل ھئا تـ ان وقت انھن تي حڪومت کي ڪو اعتراض نـ ھو پر جڏھن اتي ڌرتي ڌڻي آباد ٿي رھيا آھن تـ انھن جي خلاف آپريشن ڪيو ويو پيو وڃي ، ٻئي پاسي پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ گرفتار ٿيلن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي ايس ايس پي اولھه طارق الاهي مستوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هي سرڪاري زمين آهي، آپريشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. خالي گهرن کي هر صورت ۾ ڊاهيو ويندو. جيڪي ماڻهو آپريشن ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا تن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي پاسي، مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان پنهنجا ڪچا گهر ۽ جھونپڙيون ڇڏي  ويا آهن پر دعويٰ آهي ته اصل رڪاوٽ قبضا مافيا ۽ لينڊ گريبرز وجهي رهيا آهن، جيڪي هن زمين تي پنهنجا مفاد بچائڻ چاهين ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.