حيدرآباد ڊويزن ۾ ڊينگي ۽ مليريا پکڙجڻ لڳي، هزارين ڪيس

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) حيدرآباد ڊويزن ۾ ڊينگي ۽ مليريا تيزي سان ڦهلجي ويو، حيدرآباد شهر سميت ڊويزن جي مختلف اسپتالن سوين جي تعداد ۾ روزانو مريض پهچن ٿا، جن ۾ ڊينگي  ۽ مليريا جي تصديق ٿئي ٿي، ڊينگي جو علاج نه هجڻ ڪري هفتن جا ههفتا ماڻهو بخار ۽ سخت جسماني تڪليف کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، سول اسپتال حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ڊينگي وارڊ ۾ مريضن جي ايتري رش وڌي وئي آهي جو هڪ بيڊ تي ٻن مريضن کي سمهاريو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي مريض وارڊن اندر فرش تي ويهي علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ڄامشورو ضلعي ۾ 19 هزار 81 مريض، بدين ضلع ۾ 17 هزار 501 مريض، سجاول ضلعي ۾ 6 هزار 775 مريض، ٺٽو ۾ 9 هزار 822 مريض، دادو ضلع ۾ 8 هزار 684 مريض، ٽنڊومحمد خان ۾ 9 هزار 422 مريض، مٽياري ۾ 5 هزار 353 مريض ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 6 هزار 139 مريضن ۾ ڊينگي ۽ مليريا هجڻ جي تصديق ٿي آهي. ڊينگي ۽ مليريا جي تيزي سان ڦهلاءَ سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙيل آهي، هر روز مريضن ۾ واڌارو ٿيڻ سبب ليبارٽرين وارن ڊينگي جي چڪاس جي قيمت به وڌائي ڇڏي آهي، جنهن ڪري مريضن جا وارث سخت پريشاني جو شڪار آهن. هوڏانهن سول اسپتال حيدرآباد جي ڊينگي واري مريضن لاءِ قائم ڪيل وارڊ ۾ گنجائش نه هجڻ ڪري صرف پيناڊول ٽڪي ڏئي مريضن کي پپيتي جا پن پيئڻ جو مشورو ڏئي واپس ڪيو وڃي ٿو، ايتري بيماري پکڙجڻ جي باوجود سنڌ حڪومت توڙي ضلعن جي انتظاميا ڊينگي توڙي مليريا کي روڪڻ لاءِ ڪي خاص اپاءَ نه ورتا آهن ۽ نه ئي مڇرمار ڦوهارو ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري انساني زندگيون خطري هيٺ اچي ويون آهن.

هلندڙ مهيني 2 لک 15 هزار 270 مليريا جا ڪيس رپورٽ ٿيا:صحت کاتو

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي صحت کاتي پوري صوبي ۾ مليريا جي ڪيسن بابت هڪ جامع رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن مطابق هن مهيني سڄي صوبي ۾ ڪل 24 لک 16 هزار 427 ماڻهن جي رت جي  نمونن جي جانچ ڪئي وئي، جن مان 2 لک 15 هزار 270 ماڻهن ۾ مليريا جي تصديق ٿي. رپورٽ موجب، هڪ لک 81 هزار 362 ڪيس پلازموڊيم ويويڪس جا، 31 هزار 319 پلازموڊيم فالسيپيرم جا ۽ 2 هزار 589 مڪس انفيڪشن جا آهن. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت مليريا جي خاتمي لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. سٺي خبر اها آهي ته هن سال ڪا به موت رپورٽ نه ٿي آهي، جڏهن ته دماغي مليريا سبب صرف ٽي مريض اسپتالن ۾ داخل ٿيا، جن کي مڪمل علاج فراهم ڪيو ويو. هن چيو ته  صحت کاتي جون ٽيمون روزاني جي بنياد تي سڄي صوبي ۾ مليريا جي جاچ، علاج ۽ اسپري مهم هلائي رهيون آهن.

سول اسپتال حيدرآباد ۾ اجلاس،ڊينگي جي مريضن لاءِ سهولتون وڌائڻ جو فيصلو

حيدرآباد(رپورٽر) ڊينگي بخار جي وڌندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي سول اسپتال حيدرآباد جي ايم ايس ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري  جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسپتال جي انتظامي ۽ طبي ٽيم ڀرپور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر پونم جتوئي، آر ايم او جنرل ڊاڪٽر فيصل ميمڻ، مختلف ميڊيڪل بلاڪ ۽ وارڊ جي رجسٽرار ايڊمن ۽ ريجنل بلڊ سينٽر (آر بي سي) بلڊ بينڪ جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊينگي جي مريضن جي علاج ۽ داخلا جي معيار ۽ پليٽليٽ انفيوزن سان لاڳاپيل پاليسي جي جوڙجڪ تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويا. ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري چيو ته اسپتال انتظاميه ڊينگي جي مريضن لاءِ خاص وارڊ ۾ سهولتون وڌائڻ ۽ بلڊ بينڪ ۾ پليٽليٽ جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.