حيدرآباد (رپورٽر) هوسڙي ۾ نجي ڪلينڪ تي 14 ورهين جي ناري سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي. ناري جي ماءُ زاهدا بي بي جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ فرار آهي. فرياد موجب ڪلينڪ تي ڪم ڪندڙ امان، شيهوڪ ٺاڪر ۽ صدام ناري کي ڊرپ ذريعي نشو ڏئي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. متاثر ناري کي سول اسپتال حيدرآباد ۾ ميڊيڪل لاءِ منتقل ڪيو ويو، گهربل ٽيسٽون ڪيون ويون جڏهن ته ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعي جي جاچ جاري آهي ۽ فرار جوابدار جلد گرفتار ڪيو ويندو.