ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سول سوسائٽي، انساني حقن ۽ عورت وڪيل اڳواڻن سنڌ ۾ صنفي بنيادن تي عورتن تي گهريلو تشدد ۽ سماج ۾ صنفي اڻ برابري ،عورتن جي وڪري ۽ قتل خلاف "صوبائي سطح تي صنفي اتحاد جوڙڻ جو اعلان ڪندي، حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس، ميڊيڪو ليگل آفيسرن ،عورت ججن ۽ ٻين ادارن ۾ عورتن جو تعداد وڌايو وڃي، سنڌ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ طرفان جرڳن تي پابندي باوجود جرڳا ڪندڙن، جرڳن وسيلي ڀوتارن، سردارن جي في وسيلي لکين روپين جي اوڳاڙي ڪري عورتن کي ڪاري قرار ڏئي انهن جي بار بار وڪري ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندڙن ۽ عورتن کي قتل ڪندڙن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ٻيهر نوٽيس وٺي جرڳائي مافيائن خلاف سخت آپريشن ڪري عورتن جي وڪري ۽ قتل واري صنفي تشدد کي روڪيو وڃي، سنڌ ۾ عورتن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ موجود 8 کان وڌيڪ قانون تي عمل ڪري انهن بابت عوامي ڄاڻ بابت حڪومت طرفان ڳوٺن، ننڍن وڏن شهرن ۾ سجاڳي پروگرام مرتب ڪيا وڃن، اها ڳالهه ڪالهه شام جو سنڌ ويمن لائيرس الائنس طرفان هيومن رائيٽس ڪميشن پاڪستان (ايڇ آر سي پي ) جي سهڪار سان ايڇ آر سي پي جي آفيس ۾ معاشري ۾ صنفي فرق، عورتن تي تشدد جي روڪٿام لاءِ منعقد هڪ سيمينار ۾ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ويمن لائيرس الائنس جي چيئرمين شازيه نظاماڻي چيو ته هن وقت اتر سنڌ جو گهوٽڪي ضلعو جرڳن وسيلي عورتن تي ڪاري جا الزام هڻي ، جرڳن جي في وٺڻ عورتن جي وڪري ۽ قتل ڪرڻ جي ڪاروبار جو مرڪز بڻجي ويو آهي هن چيو ته هڪ عورت فرزانه لاشاري کي ٻه دفعا ڪاري قرار ڏئي ان جو ٻن پرڻو ڪرائڻ بعد ڪچي جي علائقي ۾ قتل ڪيو ويو، جنهن جو لاش به ملي نه سگهيو آهي، عورتن جي حقن ۽ سماجي تحفظ لاءِ جاکوڙيندڙ اڳواڻ ڪوثر ايس خان چيو ته عورتون ٻهراڙي جون هجن يا شهرن جون ،ڪهڙي به طبقي سان واسطو رکندڙ هجن، انهن جو صنفي فرق ۽ تشدد خلاف گڏيل جدوجهد ۽ اتحاد جي ضرورت آهي،سنڌ ويمن لائيرس الائنس جي اڳواڻ روبينه چانڊيو چيو ته لاڙڪاڻي ۾ اربع ڏهاڙي تي ٻارن آڏو زال ڪندڙ موالي مڙس جرڳن، ڀوتارن ۽ قانونن تي عمل نه ٿيڻ ڪري ڪجهه عرصي بعد آزاد ٿي ويندو، پر اسان صوبائي سطح تي جڙيل صنفي اتحاد کي مضبوط ڪنداسين ان موقعي تي خالدہ ملاح، سيما مهيشوري ،نائمه سمير ،انيتا پنجواڻي ،ورثاء پيرزادو ،فهيده رياض ،نزهت شيرين، آصف سنديلو ،چندن مالهي ۽ ٻين خطاب ڪيو