40 سالن کان قائم افغان بستي ۾ آپريشن، سوين گهر پٽ، ڇڪتاڻ، 5 ڄڻا گرفتار

گڏاپ (رپورٽ: ممتاز علي شيخ ) گڏاپ ۾ 40 سالن کان قائم سڀ کان وڏي افغان بستي کي ڊاهڻ لاءِ ضلعي انتظاميا، پوليس، رينجرز ۽ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي مدد سان وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو ويو، انتظاميا ڳري مشينري جي مدد سان بستي اندر خالي ۽ زبون حال گهر، جھوپڙيون ۽ ڀتيون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، آپريشن دوران علائقي کي مڪمل سڪيورٽي لاءِ سيل ڪيو ويو، جڏهن ته رينجرز، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر به موجود هئا آپريشن خلاف ڪيترن ئي گهرن مان مقامي رهواسي ٻاهر نڪري آيا ۽ اهلڪارن تي پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس جواب ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪري صورتحال تي ضابطو آندو ۽ پنج ماڻهن کي گرفتار ڪيو انتظاميا موجب بستي ۾ مجموعي طور 31 سئو هئا، جن ۾ لڳ ڀڳ 16 هزار افغان رهائش پذير هئا، آپريشن جي شروعاتي مرحلي ۾ 300 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪارروائي مڪمل گهر ڊاهي زمين حڪومت حوالي ڪرڻ تائين جاري رهندي، ذريعن مطابق ڊي آءِ جي ويسٽ پاران خالي پلاٽن تي قبضن ۽ غيرقانوني تعميرن بابت خط لکڻ کان پوءِ اها ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيترائي افغان خاندان اڳ ئي پنهنجا گهر خالي ڪري افغانستان واپس هليا ويا آهن، جڏهن ته ڪجهه خاندان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي لڏ⁠پلاڻ ڪري ويا هئا انتظاميا واضح ڪيو آهي ته آپريشن جاري رهندو ۽ بستي جا سمورا خالي گهر، ڪچي آبادي جا ڍانچا ۽ غيرقانوني تعميرون مڪمل طور ختم ڪيون وينديون ته جيئن زمين کي قبضه مافيا کان محفوظ بڻائي سگهجي، ٻئي پاسي حددخلين بابت سيل جي سربراهه شيان انجم چيو آهي ته آپريشن ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ جي حڪم تي ڪيو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته هو هن وقت تائين 200 گهر ڊاهي چڪا آهن ۽ اسان وٽ 500 گهرن جو هدف آهي جيڪو پنجن ڏينهن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي، شيان انجم موجب اسان جي رڪارڊ موجب هتي لڳ ڀڳ 14 هزار ماڻهو رهائش پذير هئا، جن مان هاڻي صرف 1300 ماڻهو باقي رهيا آهن، سيل جي سربراهه جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقائي ماڻهو ۽ افغان پناهگير مزاحمت ڪري رهيا آهن ۽ پوليس تي پٿراءُ به ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هي پرائم لوڪيشن واري زمين آهي، ڪجهه ماڻهو ان تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، پر اها زمين ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملڪيت آهي، جيڪا انهن حوالي ڪئي ويندي.

  1. افغان وسندي ۾ سنڌين جي آباد ٿيڻ تي حڪومت آپريشن ڪيو:خليل شاهه

ڪراچي اوڀر ( رپورٽر ) عوامي راڄ تحريڪ جي سربراھ سيد خليل احمد شاھ سچل ڳوٺ ۾ پنھنجي آفيس ۾ پارٽي اڳواڻن زوھيب عمر لغاري، ثناءُ الله مھر، اويس ڀٽي، محبوب رند، زين لغاري  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تـ افغان بستي خالي ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار کي سڌ ھجڻ باوجود تـ اتي سنڌي ماڻھو آباد ٿي رھيا آھن تـ پوليس انھن کي وارننگ ڏيڻ بجاء گھرن ۾ ويٺل عورتن کي ٻاھر ڪڍيو ويو سنڌي ماڻھن جي مٿان شيل فائر ڪري انھن کي زخمي ڪيو ويو آھي جڏھن تـ 10 کان وڌيڪ ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جيڪو تمام مذمت جوڳو عمل آھي ھنن چيو تـ چاليھ سال کان وڌيڪ افغان بستي ۾ افغاني آباد ٿيل ھئا انھن جي خلاف ڪڏھن بـ اھڙي ڪارروائي نـ ڪئي وئي جڏھن سنڌي ماڻھو اتي آباد ٿيڻ شروع ٿيا تـ حڪمرانن پنھنجي ماڻھن جي خلاف ڪارروائي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آھي خليل احمد شاھ وڌيڪ ڳالھائيندي چيو تـ ھن وقت بـ ڪراچي جي سھراب ڳوٺ، مدينا ڪالوني، مڇر ڪالوني سميت ٻين مختلف ھنڌن تي آباد ٿيل آھن سنڌ جي مختلف ڳوٺن شھرن ۾ ھن وقت بـ افغاني آباد ٿي رھيا آھن مگر سنڌ سرڪار انھن جي خلاف ڪا بـ موثر ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نـ آھي ھن چيو تـ افغان بستي ۾ قانوني طريقي سان سنڌ جي غريب بي گھر ماڻھن کي آباد ڪرڻ لاءِ 20 رڪني ڪاميٽي تشڪيل ڏئي رھيا آھيون .

  1. لکين افغانين کي  ھاڻي پنھنجي ملڪ وڃڻ گھرجي:مرتضيٰ جتوئي

نوشھرو فيروز(ڊ ر)اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي تي ٿيل اٺن ڪيسن جي ٻڌڻي اي  ٽي سي ڪورٽ ۾ رکيل ھئي جج نه ھئڻ ڪري سيشن جج وٽ ٻڌڻي ٿي 4ڪيسن ۾ 29 تاريخ ۽ باقي 4 ڪيسن بلاول زرداري قتل ڪيس  دادو اميناڻي ڪيس ءٻين ڪيسن جي تارخ 4نومبر رکي وئي ڪورٽ کان ٻاھرغلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪيس سڀئي ڪوڙا آھن   جڏھن ٻيا نالا ڪيسن مان ڪڍيا ويا آھن ته اسان جا نالا ڇونه ٿا نڪرن؟  هن چيو ته  روز روز ججن جي بدلين سبب ڪورٽن  جا چڪر  ڪٽرايا پيا وڃن، ڪيسن سان مڙس ٿي مقابلو ڪبو،هن چيو ته  ڊسمبرتبديلين جومھينو آھي ۽وڏيون تبديليون ٿي سگھن ٿيون  پاڪستان ۾ آيل لکين افغانين کي  ھاڻي پنھنجي ملڪ وڃڻ گھرجي

  1. سنڌ ۾ 40 لک کان وڌيڪ افغاني رهن ٿا:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته 40 لک افغانين مان فقط چند سئو افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جو ڊرامو ڪري پيپلز پارٽي لکين افغانين کي سنڌ ۾ مستقل طور آباد ڪرڻ چاهي ٿي، سنڌ ۾ 40 لک کان وڌيڪ افغاني غيرقانوني طور رهن ٿا، جيڪي سنڌ جي وسيلن تي بار آهن. افغاني اسمگلر سرڪاري سرپرستي ۾ نيٽو جا اسمگل ٿيل هٿيار ڪچي جي ڌاڙيلن تائين پهچائين ٿا. اڳواڻن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ افغانين قبضا ڪري هزارين گهر ٺهرايا آهن، سانگهڙ سميت مختلف ضلعن ۾ افغانين جا ڳوٺ قائم ڪيا ويا آهن، عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سمورن افغانين ۽ ٻين غيرملڪين کي فوري طور ملڪ نيڪالي ڏني وڃي. افغانين جا خالي ڪرايل گهر سنڌي مزدورن جي حوالي ڪيا وڃن،

  1. ڪوئيٽا ۾ غيرقانوني افغان پناهگيرن خلاف ڪريڪ ڊائون، 752 ڄڻا گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽه ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن دوران پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ايف سي جي گڏيل ڪارروائي ۾ 752 افغان شهري گرفتار ڪيا ويا، ضلعي انتظاميا موجب گرفتار ڪيل ماڻهن جو ڊيٽا نادرا ۾ داخل ڪيو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ انهن کي چمن روانو ڪيو ويندو، جتان بابِ دوستي ذريعي افغانستان موڪليو ويندو، ڊي سي ڪوئيٽه مهر الله باديني چيو آهي ته اڄ تائين چمن جي رستي هڪ لک پنجهتر هزار کان وڌيڪ افغان شهري پنهنجي ملڪ واپس موڪليا ويا آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته بلوچستان حڪومت جي هدايتن تي پوليس سان گڏجي آپريشن جاري آهي ۽ هي ڪارروائي مسلسل جاري رهندي.

  1. ميهڙ ۽ ڀرپاسي وارن شهرن ۾ غيرقانوني افغانين خلاف آپريشن

ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) سنڌ جي ٻين شھرن جيئان ميھڙ شھر سميت تعلقي جي ننڍن وڏن علائقن شھرن، راڌڻ ، ٿرڙي محبت ، فريدآباد ، نئون ڳوٺ ۾ به غير قانوني افغانين خلاف سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي دادو جي ھدايتن بعد ڊي آءِ بي بيٽ انچارج ، حد جي ايس ايڇ اوز ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ شھرن، مارڪيٽن، دڪانن، ھوٽلن ، بس اڏن ۽ ٻين عوامي ميڙاڪن سميت مختلف ھنڌن تي غير قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن جي تلاشي ۽ سڃاڻپ لاءِ سرچ آپريشن ڪيو ويو، ڊي آءِ بي بيٽ انچارجن ۽ حد جي ايس ايڇ اوز پاران ٻڌايو ويو ته ايس ايس پي دادو جي حڪم تحت روز جي بنياد تي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ھن وقت تائين ميھڙ تعلقي ۾ 55 کان وڌيڪ شڪي ماڻھن جي بايوميٽرڪ ۽ قومي شناخت ڪارڊ جي ذريعي ويريفاءِ ڪئي وئي آھي، ھن وقت تائين ڪو به افغاني رھائش پزير ملي نه سگھيو آھي ۽ ھي سرچ آپريشن روز جي بنياد تي جاري رهندي. جتي به غيرقانوني افغاني هجن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اطلاع ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.