ملتان(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حڪومت کي رياست ۾ هر هنڌ رٽ قائم ڪرڻ جي ڳڻتي آهي، پر نوجوانن کي تعليم فراهم ڪرڻ جي رٽ قائم نه ٿي آهي. وزيراعظم شهباز شريف ٽرمپ جي چاپلوسي ۽ خوشامد جون سڀ حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. ٿيو قابل پروگرام تحت گهريلو عورتن لاءِ مفت آئي ٽي ڪورسز جو به انتظام ڪنداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان جي قلعه قاسم باغ اسٽيڊيم ۾ الخدمت فائونڊيشن طرفان ٿيو قابل پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم ٽرمپ جي تعريف ۾ اهو سڀ ڪجهه چيو جيڪو آمريڪي صدر پاڻ شايد پاڻ بابت نه ڄاڻي،هڪ پاسي ٽرمپ چئي رهيو هو ته اسرائيلي وزيراعظم کي فراهم ڪيل هٿيارن کي مڪمل طور تي استعمال ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي وزيراعظم ٽرمپ جي تعريف ڪري رهيو هو. شهباز شريف جي عمل تي پاڪستاني شرمسار ٿيا.هن چيو ته ملڪ جون نام نهاد وڏيون سياسي پارٽيون مافيا جي هٿن ۾ آهن،