ڪي پي جي نئين وزيراعليٰ سهيل آفريدي حلف کڻي ورتو

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ سُهيل آفريدي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو، جڏهن ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي هُن کان حلف ورتو، نجي ٽي وي چينل موجب حلف برداري جي تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ خيبرپختونخوا اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي، پي ٽي آءِ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرز، آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود هو، جيڪي مسلسل نعرا هڻندا رهيا، ياد رهي ته 8 آڪٽوبر تي علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو هو ته هو وزيراعليٰ جي عهدو ڇڏي رهيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي هئي ته چيئرمين عمران خان سُهيل آفريدي کي نئون وزيراعليٰ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، بعد ۾ علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ وارو معاملو نئين رخ اختيار ڪيو، جڏھن ته گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي صحيح ۾ فرق سبب ٻه استعيفائون واپس موٽائي ڇڏيون ۽ علي امين کي 15 آڪٽوبر تي گورنر هائوس طلب ڪيو هو ته معاملو حل ڪري سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.