ڪراچي (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) ڪراچي بندرگاهن تان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽيشن روڪڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ڊائريڪٽوريٽ آف ٽرانزٽ ٽريڊ هيڊڪوارٽر ڪسٽمز هائوس ڪراچي ۾ ڊي جي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي صدارت هيٺ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر افغان ٽرانزٽ ڪوئيٽا ۽ پشاور زوم ذريعي شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ ڪسٽمز جنرل آرڊر 98.2025 جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ٽرانسپورٽيشن کي اڻڄاتل مدي لاءِ معطل ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا ۽ پشاور ڪسٽمز اسٽيشنز تي وڌيڪ ڪنٽينرز رکڻ جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي.
سڀئي ٽرمينلز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جا اهي ڪنٽينرز، جيڪي اڳ ئي گاڏين تي لوڊ ٿيل آهن، ترت آف لوڊ ڪن، گڏوگڏ افغان ٽرانزٽ جا سمورا گيٽ پاس رد ڪري ٽرانسپورٽ روڪي وڃي، اِهو حڪم نئين صورتحال تائين لاڳو رهندو.
ڪسٽمز جي ان حڪم کانپوءِ ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي سڀني ٽرمينلز افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي ڪليئرنس روڪي ڇڏي آهي.
ڪسٽمز ذريعن موجب، ايس اي پي ٽي تي ٽي پي ڪنٽينرز جي ڊگهيون قطارون لڳل آهن، سوين ڪنٽينرز گاڏين تي لوڊ ٿيل آهن ۽ سوين ڪنٽينرز ڪوئيٽا ۽ پشاور ويندڙ رستن تي بيٺل آهن، جڏهن ته ڊرائيور سرحد کلڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
ڪراچي بندرگاهن تان افغان ٽرانزٽ ٽريڊ معطل، سمورا گيٽ پاس رد، ڪينٽيرن جو قطارون لڳي ويون
You might also like