حيدرآباد(رپورٽر) عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ عورت اڳواڻن چيو آهي ته ٻهراڙي جي عورت تمام گهڻي تڪليف واري زندگي گذاري رهي آهي، عورت کي تعليم، صحت ۽ بنيادي سهولتون کان پري رکي رڳو ڪم ڪار واري مشين سمجهيو وڃي ٿو، ٻهراڙي جي عورتن ڏانهن رويو تبديل ڪري کين بنيادي ۽ انساني حق ڏيڻا پوندا. ڪالهه بسنت هال حيدرآباد ۾ ”ٻهراڙي جي عورتن جي عالمي ڏينهن“ جي حوالي سان تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب کي خطاب اڳوڻي سينيٽر ڪرشنا ڪماري چيو ته هن سماج کي جوڙڻ ۽ هلائڻ ۾ عورت جو اهم ڪردار آهي، جيڪڏهن عورتون سماج ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ڇڏي ڏين ته ان سماج جي معاشي حالت رڪجي ويندي ۽ اسان معياري کاڌي تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهنداسين، اسان جي زندگي انهن جي محنت تي ٻڌل آھي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ مهتاب اڪبر راشدي چيو ته عورتون ڪيترن ئي مسئلن جي ورچڙهيل آهي، عورتن کي بهتر تعليم ڏيارڻ ۽ بااختيار بنائڻ سان ئي بهتر معاشرو جوڙي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻهراڙي جون عورتون شهري اثرن کان متاثر نه ٿينديون آهن نه کين ڪئميرا ۽ نه ئي مائيڪ سان غرض آھي. هن چيو ته ٻهراڙي جي زراعت ۾ به عورت جو اهم ڪردار آهي، پر عورتن کي زميندار ۽ عام مرد هراسان ڪن ٿا. نامياري ليکڪه نورالهديٰ شاهه چيو ته ٻهراڙي جون عورتون پنهنجي زمين سان گهڻي حد تائين سان تعلق رکن ٿيون، زمين سان انهن جو روح جڙيل آهن، ڪو به انهن کي زمين کان الڳ نٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر رضوانه انصاري چيو ته ٻهراڙي جون عورتون مسئلن سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار هونديون آهن،. ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي مهارت جي ترقي ۽ تعليم ذريعي بااختيار بڻائي سگهجي ٿو. مشهور شاعره فاطمه حسن چيو ته ٻهراڙي جي عورت محنتي عورتن جي حقيقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿي. تقريب کي بيسنت هال جي ڊائريڪٽر سوڀيا علي، رضا پارسا، شمس الحق ميمڻ، حسين مسرت، امر سنڌو، ممتاز شيخ ۽ پارس محمود شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.