افغان طالبان جنگ بندي لاءِ قطر ۽ سعودي عرب سان رابطو ڪيو

ڪابل(م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ عارضي جنگ بندي جي اندرين ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ تازو ٿيل سیز فائر طالبان جي درخواست تي عمل ۾ آيو، افغان طالبان جنگ بندي جي اپيل قطر ۽ سعودي عرب جي ذريعي به ڪئي. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته جنگ بندي ڪرائڻ ۾ سعودي عرب ۽ قطر اهم ڪردار ادا ڪيو، ٻنهي ملڪن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سخت جوابي ڪارروائي کان پوءِ افغان طالبان سڌو سنئون رابطو به ڪيو، انهن رابطن جي نتيجي ۾ 48 ڪلاڪن جي عارضي جنگ بندي تي اتفاق ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.