ڇا پاڪستان جو ڪاربان ڪريڊٽ منصوبو مقامي آبادين جي مدد ڪري رهيو آهي؟

تحرير؛ماريا سماعيل

پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي خطرن سان دوچار انهن ملڪن مان آهي. جتي سمنڊ جي سطح مٿي ٿيڻ، زمين جي ڪٽائي ۽ غير متوقع موسم ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ ڪاربان ڪريڊٽ جهڙا ماحولياتي مالي ماڊل نه رڳو ماحولياتي تحفظ پر معاشي موقعن جي نئين در جي طور ڏٺا پيا وڃن۔

بهرحال، سوال اهو آهي ته ڇا اهي منصوبا واقعي مقامي ڪميونٽين جي زندگين ۾ سڌارو آڻي رهيا آهن يا صرف عالمي سيڙپڪارن لاءِ منافعي جو ڪاروبار بڻجي رهيا آهن؟ڪاربان ڪريڊٽ هڪ واپار لائق سرٽيفڪيٽ آهي .جيڪو ڪنهن ملڪ، ڪمپني يا اداري کي ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ يا ٻين گرين هائوس گيسن جي اخراج جي هڪ مقرر حد اندر اجازت ڏئي ٿو۔ هر ڪاربان ڪريڊٽ هڪ ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ يا ان جي برابر گرين هائوس گيس جي گهٽتائي يا ختم ڪرڻ جي نمائندگي ڪري ٿو۔ اهي ڪريڊٽ عالمي مارڪيٽ ۾ خريد ۽ وڪري جا اهل آهن ۽ انهن جي قيمت 10 ڊالر کان وٺي ڪيترن سؤ ڊالر تائين ٿي سگهي ٿي۔ ڪاربان ڪريڊٽ اسڪيم جو مقصد ڪاربان جي اخراج کي محدود ڪندي ماحول دوست منصوبن کي همٿائڻ آهي، جيئن ٻيلن جي بحالي، قابل تجديد توانائي يا ماحولياتي تحفظ تي ٻڌل قدمن جي واڌ ويجهه۔

سنڌ حڪومت 2015 ۾ انڊس ڊيلٽا ۾ ڊيلٽا بلو ڪاربان (Delta Blue Carbon) منصوبو شروع ڪيو .جيڪو دنيا جي سڀني کان وڏن مينگروز بحالي پروگرامز مان هڪ آهي۔ اهو منصوو سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۽ مرلن ووڊ پرائيويٽ لميٽيڊ جي شراڪت سان هلائي پيو وڃي ۽ ان جا ٻه حصا آهن: DBC-1 ۽ DBC-2۔ اهو هڪ 60 ساله منصوبوآهي۔ DBC-1 2015 ۾ شروع ٿيو جڏهن ته DBC-2 جو آغاز 14 آگسٽ 2023 تي ٿيو۔

ڊيلٽا بلو ڪاربان پروجيڪٽ جو مقصد 450,000 هيڪٽر زمين تي مينگروز کي بحال ڪرڻ ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ذخيرو ڪري عالمي سطح تي ڪاربان ڪريڊٽ پيدا ڪرڻ آهي۔ هن وقت تائين سنڌ حڪومت هن منصوبي مان لڳ ڀڳ 3.1 ملين ڪاربان ڪريڊٽ عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا آهن، جنهن مان 40 ملين آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ آمدني حاصل ٿي آهي۔ ڊگهي مدي واري هدف تحت اهو منصوو 2075 تائين 12 بلين ڊالر حاصل ڪرڻ ۽ 240 ملين ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي برابر گيسن کي ذخيرو ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿو۔ڊيلٽا بلو ڪاربان منصوبي جو سڀ کان وڏو دعوي اهو آهي ته ان سان نه رڳو ماحول جي بحالي ٿي رهي آهي. پر ساحلي مقامي ماڻهن جي  معاشي حال به بهتر ٿي رهيا آهن۔ سرڪاري انگن اکرن موجب  هن وقت تائين هزارين مقامي ماڻهن، خاص طور ماٽهن (مچلي ماٿيندڙن) ۽ عورتن کي مختلف سطحن تي روزگار جا موقعا ڏنا ويا آهن۔ مقامي ماڻهن کي مينگروز جي نرسري ۾ ٻوٽا پوکڻ، سنڀال ۽ پالڻ لاءِ تربيت ڏني وئي آهي۔

ان حوالي سان سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي هڪ مقامي آفيسر ٻڌايو ته “جڏهن اسان مينگروز پوکڻ جي ڳالهه ڪندا آهيون ته ان ۾ مقامي ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو آهي۔ اهو پروجيڪٽ مقامي ماڻهن کان سواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگهي۔”هن وڌيڪ چيو ته “اهو ڪم صرف مقامي ماڻهو ئي ڪري سگهن ٿا ڇو⁠ته  انڊس ڊيلٽا ۾ ڪڏهن پاڻي تمام کارو هوندو آهي، هن ٻڌايو ته ڪيٽي بندر ۾ هن وقت تائين 2,50,000 هيڪٽر تي مينگروز پوکيا ويا آهن، جتي هڪ نرسري مردن ۽ عورتن ٻنهي لاءِ روزگار جو ذريعو فراهم ڪري ٿي۔ڊيلٽا بلو ڪاربان پروجيڪٽ 3,50,000 هيڪٽر کان وڌيڪ جزيري واري علائقي تي مشتمل آهي۔ هن وقت تائين هن منصوبي تحت 73,125 هيڪٽر مينگروز بحال ڪيا ويا آهن، 5.4 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪئي وئي آهي ۽ 15 کان 21 هزار مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي۔ هن منصوبي سان 43 کان 70 هزار ماڻهن جي زندگين ۾ سڌارو آيو آهي، ۽ انهن کي تعليم، صحت ۽ صاف پاڻي تائين بهتر رسائي حاصل ٿي آهي۔سنڌ فاريسٽ ڊپارٽمينٽ جي آفيسر موجب  سنڌ جو انڊس ڊيلٽا مينگروز پوکي وارو علائقو هن وقت پاڪستان جو واحد ڪاربان ڪريڊٽ وڪرو ڪندڙ منصوبو آهي۔ هن چيو ته “مينگروز جي بحالي سان سمنڊ جي ڪٽائي ۾ گهٽتائي ۽ مڇيگيري جي وسيلن ۾ سڌارو ڏٺو ويو آهي، جيڪو مقامي روزگار سان سڌيءَ طرح ڳنڍيل آهي۔

ماحوليات جي کاتي جي  سيڪريٽري زبير چنا چيو ته سنڌ ڪابينا پاران ڪاربان مارڪيٽ ۽ ڪاربان فنانسنگ لاءِ ماحوليات کاتي کي نامزد ڪرڻ سٺي ڳالهه آهي۔ سنڌ ۾ مينگروز سميت انساني دوست وڻ پوکيا ويندا ته جيئن ماحول به بهتر ٿئي ۽ معيشت ۾ به اضافو ٿئي۔”بهرحال، ڪجهه ماهرن ۽ سماجي تنظيمن  خدشو ظاهر ڪري چيو آهي  ته مقامي ماڻهن کي ڪاربانڪريڊٽ مان حاصل ٿيندڙ مالي فائدي ۾ سڌو حصو نٿو ملي۔ انهن موجب منصوبي جي آمدني جو وڏو حصو خانگي  شراڪت دارن ۽ ڪارپوريٽ سيڙپڪارن ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن⁠تہ مقامي سطح تي شفافيت ۽ مالي ورهاست جي نظام کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي۔ماهرنِ ماحوليات موجب ته  جيڪڏهن سنڌ حڪومت هن منصوبي ۾ شفافيت، مقامي صلاح مشورا ۽ منافعي جي منصفاڻِي ورهاست کي يقيني بڻائي ته ڊيلٽا بلو ڪاربان منصوبو پاڪستان لاءِ پائيدار ترقي جي هڪ مثال بڻجي سگهي ٿو۔ اهو نه صرف ماحولياتي بحران جو عملي حل فراهم ڪندو پر پاڪستان جي ساحلي علائقن ۾ رهندڙ مقامي ماڻهن جي  لاءِ پائيدار روزگار، تحفظ ۽ خودمختياري جو ذريعو پڻ بڻجي سگهي ٿو۔

ڪاربان ڪريڊٽ جهڙا منصوبا پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي نئون مالي در کولڻ جي حيثيت رکن ٿا، پر ان ڪاميابي جو اصل ماپو اهو ٿيندو ته ڇا ماحولياتي تحفظ سان گڏ مقامي ماڻهو به هن تبديلي جا حقيقي فائدا حاصل ڪن ٿا يا نه۔ جيڪڏهن منصوبي جي شفافيت، شموليت ۽ مقامي مالڪي کي ترجيح ڏني وڃي ته اهو ماڊل نه صرف ماحول پر انسانيت جي حق ۾ به ڪاميابي جي هڪ مضبوط مثال بڻجي سگهي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.