ميهڙ ۾ جانوري برادري جي ڌرين ۾ تڪرار تان، چاچو ۽ ڀائٽيو قتل

ميھڙ / راڌڻ (رپورٽ: فراز چنا/ هريش ڪمار) ميهڙ ۾ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري پراڻي خوني تڪرار تان جوابدارن ميھڙ ٿاڻي ڀرسان حملو ڪري ڏنو، گوليون لڳڻ سبب چاچو ۽ ڀائٽيو قتل ٿي ويا، علائقي ۾ ڀاڄ  پئجي وئي، ڳوٺ غلام جانوري جي رهواسين جانوري برادري  جي ئي ڌرين ۾ جاري خوني تڪرار تان تاڙ ۾ آيل هٿياربندن ميهڙ ٿاڻي کان 100 ميٽرن جي مفاصلي تي هڪ بيٽري جي دڪان تي بيٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب هڪ ڄڻو عجيب جانوري موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته سندس چاچو بخشل جنوري سخت زخمي ٿي پيو جيڪو اسپتال نيندين رستي ۾ فوت ٿي ويو، اطلاع تي وڏي تعداد ۾ جانوري برادري جا ماڻهو ۽ شهري تعلقي اسپتال ميهڙ پهچي ويا. فوتين جي لاشن جا پوشت مارٽم ڪري لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي دوران وچ شھر ۽ مصروف جڳھه تي فائرنگ سبب ماڻھن ۾ ڀاج پئجي وئي، ڳوٺ غلام جانوري ۾ جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار ھلندڙ هو جنھن تان واقعو پيش آيو، ڪجھه سال اڳ ڌرين ۾ تڪرار سبب غلام حيدر جانوري قتل ٿيو ھو جنهن جو مقتول بخشل جانوري تي غلام حيدر جانوري جو قتل جو الزام هو، ھوڏانھن جانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جاري پراڻي تڪرار ٻيھر اٿڻ ۽ ٻن ڄڻن جي مارجي وڃڻ کان پو3 ڌرين ۾ تڪرار تيز ٿي ويو ، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، پوليو ورڪر قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي جي ويجهو مبينه ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعي ۾ هڪ پوليو ورڪر کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو، سائيٽ سپر هاءِ وي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي ايس ايچ او ولايت شاهه موجب 30 ورهين جو رحمان الله موٽر سائيڪل تي سرجاڻي ٽائون وڃي رهيو هو، هٿياربندن جامعه الرشيد جي ويجهو هلندي موٽر سائيڪل تي فائرنگ ڪئي، پوليس موجب مقتول کي ڪيتريون ئي گوليون لڳيون ۽ کيس عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن هن جي موت جي تصديق ڪئي، ايس ايڇ او ڦر جي امڪان رد ڪندي چيو ته مقتول محسود قبيلي سان تعلق رکندڙ هو ۽ ڪوئيٽه ٽائون، مدراس چوڪ ويجهو رهائش پذير هو، پاڙيسري ۽ سياسي ڪارڪن محمد شير موجب رحمان الله پوليو ورڪر طور ڪم ڪندو هو، سندس خاندان پنجاب جي شهر وهاڙي ۾ رهائش پذير آهي، جتي تدفين ڪئي ويندي، محمد شير ٻڌايو ته علائقي واسين ۽ محسود برادري احتجاج جو منصوبو ٺاهيو هو، پر ڊي ايس پي ۽ ٻين آفيسرن 6 ڏينهن اندر قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ملتوي ڪيو ويو.

ڪنڌڪوٽ ۾ هٿياربندن هٿان اسپتال جو او ٽي ٽيڪنيشن قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتاز سنڌي/ عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ ۾ محمداڻي ۽ بنگوار برادري ۾ خوني تڪرار سبب نجي اسپتال جي او ٽي ٽيڪنيشن عبدالجبار محمداڻي کي ھٿياربندن شھر ۾ قتل ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، ڏوهارين واقعي بعد جشن ملهائيندي خوشي مان فائرنگ  ڪئي، وڌيڪ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، ھيبت روڊ  ڀرسان گلشير پاڙي جي گھٽي ۾ نجي ميڊيڪل سينٽر تي ڪم ڪندڙ سينيئر او ٽي ٽيڪنيشن عبدالجبار محمداڻي کي سينٽر آڏو بنگوار برادري جي ھٿياربندن بي خوف ٿي سڌيون گوليون ھنيون  جيڪو موقعي تي قتل ٿي ويو، قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪو غوثپور شھر ۾ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، عبدالجبار محمداڻي کي قتل ڪندڙ بنگوار برادري جي ھٿياربندن محمداڻي برادري جي ٻين ماڻھن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي ويڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي ٻنھي ڌرين ۾ وڌيڪ خونريزي ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.