حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي ۽ نور نبي پليجي ميرپور ماٿيلي ۾ شهيد ٿيل صحافي طفيل حيدراڻي رند جي قتل جي مذمت ڪندي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو ته صحافي طفيل حيدراڻي جي قتل جو ذميوار قبيلائي ۽ جاگيرداري نظام آهي، ڀوتارڪي نظام صحافي جان محمد مهر، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي کانپوءِ هڪ ٻيو صحافي قتل ڪيو آهي، پيپلز پارٽي جيڪا جاگيردارن ۽ سردارن جي نمائندا پارٽي آهي تنهن سنڌ ۾ بادشاهت قائم ڪري ڇڏي آهي، صحافين کي ڪو به تحفظ ناهي، فلسطين جيان سنڌ ۾ به صحافين جو قتل روز جو معمول بڻيل آهي، صحافي طفيل حيدراڻي سيڪيورٽي لاءِ اپيلون ڪيون پر پوليس مجرماڻي غفلت ڪئي صحافي ۽ سندس ڀائٽي جي قتل جي جاچ ۾ حد جي ايس ايڇ او ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي به شامل ڪيو وڃي.