سعودي واپاري وفد جي وڏي وزير سان ملاقات، سيڙپڪاري تي اتفاق

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سعودي عرب سان اسان جي ڀائيواري خطي جي اقتصادي مستقبل لاءِ تمام ضروري آهي، سنڌ حڪومت سيڙپڪاري لاءِ پنهنجا دروازا کوليا آهن، ۽ سعودي سيڙپڪارن لاءِ هر ممڪن سهڪار وڌايو ويندو. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ موجب، سعودي-پاڪ جوائنٽ بزنس ڪائونسل جي چيئرمين، سعودي شهزادي منصور بن محمد السعود جي اڳواڻي ۾ 30 رڪني وفد وزيراعليٰ هائوس پهتو. سنڌ جي وڏي وزير، پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن؛ شرجيل ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سعيد غني، ناصر حسين شاهه، اڪرام الله ڌاريجو ۽ چيف سيڪريٽري سان گڏ، سعودي شهزادي منصور بن محمد السعود ۽ وفد جي آجيان ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب، وفد ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي، 30 کان وڌيڪ اهم ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. وفد ۾ توانائي، انفراسٽرڪچر، زراعت، لائيو اسٽاڪ، مائننگ، تعمير، لاجسٽڪس ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سان لاڳاپيل شخصيتون شامل هيون. وڏي وزير 12 ترجيحي سيڙپڪاري شعبن کي اجاگر ڪيو ۽ سعودي ڪمپنين کي زراعت، توانائي، انفراسٽرڪچر، لاجسٽڪس ۽ صنعتي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. مراد علي شاهه سعودي سيڙپڪارن کي ڪراچي جي بليو ۽ ييلو لائين ٽرانزٽ سسٽم ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني ۽ مڇي مارڻ ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ گڏيل منصوبا پيش ڪيا. سنڌ جي وڏي وزير سعودي سيڙپڪارن کي خاص اقتصادي زونن جي قيام ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران، سنڌ جي وڏي وزير ۽ سعودي وفد گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي شهزادي منصور بن محمد السعود سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو هڪ اعليٰ سطحي ڪاروباري وفد سان گڏ آيو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ نئين ڀائيواري قائم ڪندو. شهزادي منصور بن محمد السعود چيو ته سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر شعبي ۾ ذيلي ڪميٽيون قائم ڪري سيڙپڪاري شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪراچي هڪ بندرگاهه وارو شهر آهي، ۽ هتي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.