اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي حراست مان آزاد ٿي پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد اسرائيلي حراست مان آزاد ٿيڻ بعد بحرین رستي وطن واپس اچي ويو، جتي اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان  موجب نائب وزيراعظم اسحاق ڊار اردني هم منصب سان فون تي ڳالهائيندي سندس سهڪار تي ٿورا مڃيا.

فرانس غزا جي مستقبل تي بحث لاءِ سربراهي اجلاس جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيرس (م ڊ) فرانس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جنگ بندي لاڳو ٿئي ٿي ته هو پيرس ۾ عرب ۽ يورپي ملڪن جي هڪ اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ غزا جي مستقبل  تي بحث ڪيو ويندو. اجلاس ۾ مصر، اردن، سعودي عرب، قطر ۽ گڏيل عرب امارات جا وزير شرڪت ڪندا، گڏوگڏ برطانيا، اٽلي، جرمني، اسپين، ترڪي ۽ يورپي يونين جا نمائندا به شرڪت ڪندا. اسرائيل اجلاس جو حصو ناهي. فرانسيسي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس امن منصوبي کي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.