اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان اعلان ڪيو آهي ته جماعت اسلامي جي الخدمت فائونڊيشن پاڪستاني عوام جي سهڪار سان فلسطيني عوام تي هڪ ارب ڊالر خرچ ڪندي، جڏهن ته غزا ۾ 3 ارب رپين جي لاڳت سان اسپتال تعمير ڪئي ويندي، اسلام آباد ۾ شاگردن جي غزا مارچ سان خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته الخدمت فائونڊيشن فلسطيني عوام جي مدد جاري رکندي ۽ هو پاڻ به عوام وٽ وڃي مدد حاصل ڪندو، پاڪستان، جيڪو ايٽمي طاقت رکي ٿو، کيس فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسرائيل ڪڏهن به معاهدن ۽ قانونن تي عمل نٿو ڪري، هاڻي عالمي قوتن جو امتحان آهي ته اهي اسرائيل کي معاهدي تي عمل ڪرائن، حافظ نعيم چيو ته حماس هڪ عوامي ۽ مزاحمتي قوت آهي، جنهن جي حمايت اقوام متحده جي چارٽر تحت جائز آهي ۽ اسلام آباد ۾ حماس جي آفيس قائم ٿيڻ گهرجي.