غزا امن معاهدو لاڳو، 20 يرغمالين عيوض 2 هزار فلسطينين جي آزادي جو امڪان

يروشلم/غزا (م ڊ) اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ طئي ٿيل امن منصوبو لاڳو ٿي ويو، 20 اسرائيل يرغمالين عيوض 2 هزار فلسطيني قيدين جي آزادي جو امڪان آهي. غزا جنگ بندي معاهدي جي پهرين مرحلي تي صحيحن کان پوءِ، غزا ۾ اسرائيلي يرغمالين ۽ فلسطينين جي خاندانن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي. غزا ۾ معاهدي جي خبر ٻڌڻ کان پوءِ، فلسطينين پاران شڪر جا سجدا ڪيا ويا ۽ الله اڪبر جا نعرا هنيا ويا. حماس جي سينيئر اڳواڻ اساما حمدان ٻڌايو ته معاهدي تحت غزا پٽي ۾ امداد جي فراهمي لاءِ 5 سرحدي رستا کوليا ويندا. ڊگهيون سزائون ڪاٽيندڙ 250 قيدين سميت انهن 1700 ماڻهن کي به آزاد ڪيو ويندو جيڪي غزا جي جنگ دوران گرفتار ڪيا ويا، اسان ڪمانڊرن جا نالا جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. هن ٻڌايو ته اسرائيلي فوج غزا سٽي، خان يونس، رفح، اتر غزا مان نڪري ته جيئن زندگي معمول تي اچي. سياسي مبصرن موجب، معاهدو ڪاميابي سان لاڳو ٿيو ته خطي ۾ امن استحڪام جا امڪان روشن ٿي ويندا. ان کان اڳ مصر دعويٰ ڪئي هئي ته منصوبو لاڳو ٿي ويو آهي پر اسرائيلي حڪومت اعلان ڪيو ته غزا جنگ بندي تڏهن لاڳو ٿيندي، جڏهن ڪابينا گڏيل طور معاهدي جي منظوري ڏيندي. وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس موجب ڪابينا جو اجلاس ٿيڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن ۾ جنگ بندي لاڳو ٿيندي ۽ 72 ڪلاڪن ۾ قيدين جي مٽا سٽا شروع ٿيندي. ٻئي پاسي برطانيا، ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ غزا امن معاهدي جي پهرين اعلان جي آجيان ڪئي آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ معاهدي جي آجيان ڪئي، ان کي امن ڏانهن هڪ وڏو قدم قرار ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.