جيڪڏهن ڪڏهن اسرائيل ۽ ترڪيءَ وچ ۾ کليل جهيڙو ٿيو ته پوءِ اهو اندازو لڳائڻ جي ڪا ضرورت نه رهندي ته ناٽو جي قيامي دستاويز جي پنجين آرٽيڪل تي عمل ٿيندو، جنهن موجب ڪنهن هڪ رڪن ملڪ تي حملو سموري ناٽو تي حملو تصور ڪيو ويندو. مائيڪل روبن اڪيلو اهو خيال رکندڙ ناهي. اسرائيلي تجزيهڪار مائر مسري به ٽوئيٽ ڪيو ته "اڄ قطر، سڀاڻي ترڪي”. ان تي ترڪ صدر اردوان جي هڪ سينيئر صلاحڪار فوري ردعمل ۾ چيو: "اسرائيل جا ڪتا جلد ئي نقشو تان مٽجي ويندا، ۽ دنيا ساهه کڻي سگهندي.”
ترڪي ۽ ايران ٻه اهڙا مسلمان ملڪ آهن، جن اسرائيل جي قيام کان هڪ سال پوءِ ئي ان کي تسليم ڪيو هو. ايران ته خير 1979ع ۾ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا، پر ترڪي ۽ اسرائيل جي وچ ۾ واپاري ۽ فوجي لاڳاپن ۾ چڙهاؤ ۽ لهر ضرور آيا، پر اهي ڪڏهن مڪمل طور ٽٽيا نه.
آڪٽوبر 2023ع کان اڳ اسرائيلي سياحن جي وڏي انگ کي جغرافيائي ويجهڙائي ۽ گهٽ خرچ سبب استنبول وڃڻ پسند هو، پر گذريل ٻن سالن دوران اسرائيل جنهن بيباڪيءَ سان آمريڪا جي فوجي ۽ سفارتي سهاري تي خطي ۾ پنهنجن حريفن کي ٽوڙڻ ۽ ڪمزور ڪرڻ جي مشن تي آهي، تنهن سبب هر پاڙيسري جي پرن ۾ ساهه اچي ويو آهي. حزبالله کي ڪنڊ ۾ ڌڪڻ، ايران تي بمباري ڪرڻ، شام جي ڪمر ٽوڙڻ، قبضي هيٺ مغربي ڪناري تي يهودي بستي ٺاهڻ جي تيزي، ۽ غزه ۾ نسلڪشيءَ باوجود، بينالاقوامي احتساب کان بيخوف نيتنياهو ۽ سندس ٽيم کي "عظيم اسرائيل” جو خواب ڏسڻ عجيب ڳالهه ناهي. هن سڄي پسمنظر ۾ ترڪي اهو واحد پاڙيسري ملڪ آهي، جيڪو فوجي طاقت جي لحاظ سان اسرائيل جو هم پل آهي ۽ ان جي وسعت پسند عزائم جي راهه ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.
آخرڪار بينالاقوامي سياست ۾ دوستي نه، پر مفاد ئي سڀ ڪجهه آهن. جتي مفادن جو ٽڪراءُ ٿئي ٿو، اتي سڀ کان پهرين قرباني ڪاروباري اخلاص ۽ سياسي نرمي جي ٿيندي آهي. ترڪي کي گهڻو اڳي ئي اندازو ٿي ويو هو ته هنگامي حالتن ۾ مغربي اتحادي ڇا رويو اختيار ڪندا. تنهنڪري هن خودانحصاريءَ جي پاليسي اختيار ڪئي ـ اقتصادي طور پنهنجا لاڳاپا هڪ ٽوڪريءَ بدران ڪيترين ٽوڪريُن ۾ ورهايا، ۽ دفاعي صنعت ۾ به خودڪفالت حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو.
اڄ ترڪي جو دفاعي سامان ٺاهڻ وارو شعبي اسرائيل جي لڳ ڀڳ برابر بيٺو آهي، ۽ سندس دفاعي برآمدات ۾ به نمايان واڌ ٿي آهي. ٻه سال اڳ تائين مصر ۽ ترڪيءَ وچ ۾ مشرقي بحيرهه روم ۾ گئس جي ذخائر، استنبول ۾ صحافي جمال خشوگي جي قتل، سعودي حڪومت ۽ گڏيل عرب امارات سان ليبا جي گهرو ويڙهه ۽ قطر جي عرب ناڪابنديءَ سبب لاڳاپا انتهائي تڪراري هئا. ان دوران عثماني سلطنت جي تاريخ کي چٽي ڪري عرب ۽ ترڪ دشمني جا پراڻا جذبا به ڀڙڪائڻ جون ڪوششون ٿيون. پر اسرائيل جي جارحاڻي رويي ڏسي هاڻي سڀئي علائقائي ملڪ پنهنجا اختلاف نرم ڪري رهيا آهن. مصر سان ترڪي جا لاڳاپا معمول تي اچي ويا آهن. امارات ۽ سعودي عرب ترڪيءَ ۾ تعميراتي، دفاعي ۽ خدمتي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن، ۽ ايران تي اسرائيلي حملي کان پوءِ تهران جي نرم رويي سبب به عرب ۽ عجم جي وچ ۾ پراڻي ڇيڙڇاڙ گهٽجڻ لڳي آهي.
هاڻي اسرائيلي ميڊيا جا هٿيار ترڪيءَ ڏانهن ڦريا آهن، ۽ ترڪي کي مشرقي بحيرهه روم ۾ اسرائيل جو وڏو حريف ۽ مستقبل ۾ سندس سلامتي لاءِ خطرناڪ ملڪ قرار ڏنو پيو وڃي. ان جو سبب اهو آهي ته اسرائيل پنهنجي پاڙيسري ملڪن ۾ قومي ۽ علائقائي نفرتون ڀڙڪائي شام ۽ لبنان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿو، يا گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، جتي ڪرد، علوي، دروز ۽ سني پاڻ ۾ وڙهندا رهن، جيئن لبنان ۾ به اندروني خلفشار جاري رهي. ان جي ابتڙ ترڪي چاهي ٿو ته شام هڪ مضبوط ۽ متحد رياست جي صورت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بفر (حد فاصل) بڻيل رهي، ۽ اهڙي ڪمزور شام پيدا نه ٿئي جيڪا اسرائيل جي اثر هيٺ اچي ترڪيءَ جي ڏاکڻي سرحد تائين اسرائيل کي پهچائي ڇڏي اهو ئي خدشو ڏسي ترڪي ڪرد ڌارئي پسندن سان امن جو معاهدو ڪري ورتو ته جيئن شامي ڪردن کي اسرائيل ۽ آمريڪا وڌيڪ پنهنجي اثر هيٺ نه آڻي سگهن. ترڪيءَ جا اهي خدشا بيبنياد ناهن. جولاءِ ۾ انقره ۾ مقرر ٿيل آمريڪي سفير ٽام بيرڪ کليل لفظن ۾ چيو ته اسرائيل هڪ منقسم ۽ ڪمزور شام چاهي ٿو، ڇاڪاڻته طاقتور عرب رياستون هميشه اسرائيل لاءِ خطرو رهيون آهن. هن مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گذريل سال 8 ڊسمبر تي بشارالاسد جي ڀڄڻ کان پوءِ اسرائيل شام جي بري، فضائي ۽ بحري سهولتن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيل کي ڪنهن به صورت ۾ اهو قبول ناهي ته شام ۾ ترڪي پنهنجا فوجي اڏا ٺاهي پير ڄمائي. ان ڪري هن گولان سان لڳندڙ شامي صوبي "الدرعا” جو جزوي ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته پنهنجي سلامتيءَ جي خاطر هو اتي غير معيّن عرصي تائين فوجي دستا رکندو اسرائيل جي سڄي ڪوشش آهي ته شام ۾ وري نسلي ۽ مذهبي باهه ڀڙڪي، جڏهن ته ترڪي شامي صدر احمد الشرع جي حڪومت تي زور ڏئي رهيو آهي ته هو نسلي ۽ فرقيواراڻين بارودي سرنگن کان بچڻ لاءِ جلد هڪ متوازن وفاقي آئين تي عمل ڪري، جيئن شام جا سڀ قوميتي گروهه دمشق جي مرڪزي حڪومت کي پنهنجن مفادن جو نگهبان سمجهن ۽ ٻاهرين طاقت جي ورغلايل پاليسين کان پاسو ڪن.
اهو ئي سبب آهي جو احمد الشرع جي حڪومت اسرائيل جي حمايت يافته دروز ڪميونٽي سان ٽڪراءَ بدران پرامن بقائي پاليسي اختيار ڪئي آهي، ڇوته اسرائيل دمشق جي نئين حڪومت کي ڪمزور رکڻ لاءِ سندس ڳچيءَ تي لڳاتار گرم ساهه ڇڏي رهيو آهي.
اسرائيل گذريل سال ڏکڻ لبنان جو جيڪو علائقو قابو ۾ آندو آهي، اهو خالي ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي. آمريڪا کي جڏهن اطمينان ٿيندو ته لبنان جي حڪومت حزبالله کي غيرمسلح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي، تڏهن اسرائيل اهو علائقو ڇڏيندو. سادي لفظن ۾ معنيٰ اھا ته نه تيل ملندو، نه رادھا ناچيندي يعني ڪجھه به عملي طور ٿيڻ وارو ناهي. چاهي ترڪي هجي يا ڪو ٻيو پاڙيسري ملڪ، ڀلي ڪيتري به دانائي يا احتياط سان ڪم وٺي، پر اسرائيل جو ارادو نه آهي ته هو ٻين ملڪن جي حڪمتِ عمليءَ واري سرخ لڪيرن جو احترام ڪري ترڪي لاءِ اهي سرخ لڪيرون شام ۽ قبرص آهن، ۽ اسرائيل بار بار ٻنهي لڪيرن تي پير رکي ٿو