پ پ جو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ،ن ليگ کان معافي جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي  پنجاب حڪومت جي بيان بازي خلاف سخت احتجاج ڪندي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اجلاسن مان واڪ آئوٽ ڪري مسلم ليگ (ن) جي قيادت کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو،پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ شيري رحمان سينيٽ ۾ خطاب دوران چيو ته  پنجاب ۽ سنڌ جي حڪومتن وچ ۾ لفظن جي جنگ جو سڌو اثر وفاقي حڪومت تي پيو پوي، پنجاب ڪارڊ کي کيڏي ريڊ لائين ڪراس ڪئي پئي وڃي،هن چيو ته  بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو بابت جيڪي ڳالهين ڪيون پيون وڃن، اهي مڪمل طور نامناسب آهن، ڇو ته پنجاب ۾ به پيپلز پارٽي جي نمائندگي موجود آهي۔هن چيو ته،بلاول ڀٽو صرف اهو چيو هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وسيلي سيلاب متاثرين جي مدد ڪئي وڃي، پر ماڻهن جي تذليل ڪري حڪومتون نه هلنديون۔ معافي مڃڻ سان ڪنهن جي عزت ۾ گهٽتائي نٿي اچي،هن واضح ڪيو ته،جيڪڏهن اسان جي قيادت کان معافي نه ورتي وئي ته پيپلز پارٽي کي آسان نه سمجهيو وڃي،شيري رحمان جي تقرير کان پوءِ پيپلز پارٽي جي سينيٽرن احتجاج طور ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ گڏيل طور سينيٽ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو،جڏهن ته وفاقي وزيرِ قانون اعظم نذير تارڙ قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن جي لفظن سبب ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته  ان تي افسوس جو اظهار ڪيون ٿا، ڇو ته سياست ۾ احترام ۽ برداشت کي هميشه اڳتي رکڻ گهرجي،هن چيو ته  ته صدر آصف علي زرداري هڪ بزرگ ۽ صلح پسند سياستدان آهن، ۽ يقين آهي ته هو هن تڪرار ۾ به صلح جوئي ۽ مفاهمت جو ڪردار ادا ڪندو وزيرِ قانون اپيل ڪئي ته،اپوزيشن هن صورتحال تي خوش نه ٿئي، اسان جي ڪوشش هئڻ گهرجي ته پنهنجن اتحادي دوستن کي پرچائي واپس آڻيون،

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اعلان ڪيو آهي ته پنجاب حڪومت طرفان جاري بيان بازي رڪجڻ تائين ڪنهن به قسم جي مفاهمت ممڪن نه آهي۔قومي اسيمبلي اجلاس ۾ پ پ جي  راجا پرويز اشرف چيو ته  اسان حڪومت جا اتحادي صرف وفاق پاڪستان جي مفاد لاءِ آهيون،ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ بلاول ڀٽو پاڻ ميدان ۾ لٿو، پنجاب جي حڪومت ۽ وزيراعليٰ جي واکاڻ ڪئي پر افسوس آهي ته ساڳي پنجاب حڪومت جا ڪجهه ذميوار اسان خلاف غير ذميواراڻا بيان ڏئي رهيا آهن،هن چيو ته  اسان وفاق کي ڪمزور ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان پاڪستان کپي جو نعرو هڻڻ وارا  ماڻهو آهيون، وفاق ۽ صوبن کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، پر جيڪو زبان اسان خلاف استعمال ٿي رهي آهي، اها اسان جي سياسي تربيت جي ابتڙ آهي۔ هن چيو ته جيسين پنجاب حڪومت مان ڪو ذميوار شخص اسان کي مطمئن نٿو ڪري، تيسين اسان جو اسيمبلي ۾ ويهڻ ممڪن ناهي۔ اسان کي صوبائي ليڊرن جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ ۽ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام بابت الزامن تي سخت تحفظات آهن،ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر  چيو ته اسان پيپلز پارٽي جي هن موقف کي ڀليڪار ٿا ڪريون، جيڪڏهن اهي واقعي سنجيده آهن ته عدم اعتماد آڻين، اسان گڏ آهيون،ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ميمبرن وزيراعليٰ پنجاب جي بيانن خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ گڏيل طور ايون مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو۔اسپيڪر اياز صادق جي مفاهمتي ڪوشش به ناڪام وئي، ۽ پيپلز پارٽي واضح ڪيو ته جيستائين بلاول ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي خلاف بيان بازي بند نٿي ٿئي، تيسين نه اسان قانون سازي جو حصو ٿينداسين ۽ نه ئي ڪنهن مفاهمت ۾ شامل ٿينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.