صدر زرداري ڪاوڙيل،هائبرڊ نظام جي ”ضامنن“ ۽ ن ليگ لاءِ سخت پيغام

لاهور(امداد سومرو)پنجاب ۾ ن ليگ جي پ پ خلاف بيان بازي تي صدر آصف علي زرداري ڪاوڙجي پيو،مريم نواز ۽ پ پ جي جهيڙي وفاق کي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو آهي،پنجاب ۾ ان ڇڪتاڻ سان مريم نواز تي ڪو به فرق نه پئجي رهيو آهي ڇو ته اسيمبلي ۾ ن ليگ کي اڪثريت حاصل آهي پر مرڪز ۾ فرق پوي ٿو،ڪالهه به ن ليگ کي نه سينيٽ ۽ نه ئي قومي اسيمبلي هلائڻ مشڪل پئجي وئي،وڏن جي وچ ۾ پوڻ باوجود اهو جهيڙو اڳتي وڌندي نظر اچي رهيو آهي،مريم نواز ڪمال مهارت سان اهو جهيڙو سنڌ ۽ پنجاب جي جهيڙي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي،ڇڪتاڻ جي شروعات ته بلاول ڀٽو جي پنجاب ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري کان ٿي،جڏهن کيس ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ کان روڪيو پئي ويو،اطلاع آهن ته بلاول ڀٽو جي پنجاب دوري ۾ ساڻس ڪيل سلوڪ ۽ آصفه ڀٽو زرداري جي باري ۾ بيانن بابت رپورٽون ملڻ تي صدر زرداري ڪاوڙ ۾ آهي،حالانه ان کان اڳ پ پ پنجاب پاران صدر زرداري کي ن ليگ جي باري ۾ شڪايتون ڪيون وينديون هيون پر صدر زرداري کين چپ ڪرائي ڇڏيندو هو ۽ هدايتون ڪندو هو ته مفاهمت جاري رکو ان تي بند ڪمرن ۾ پ پ اڳواڻ ميارون ڏيندا هئا ته اسان کي ته ”صدر صاحب مارائي ڇڏيو آهي،نه سياست ڪرڻ ڏئي ٿو،اسان نه هيڏانهن جا آهيون نه هوڏانهن جا آهيون“هاڻي محسن نقوي کي گهرائي صدر زرداري پنهنجي ڳالهه ”ٻئي ڪٿي“ پهچائڻ چاهي ٿو،هن محسن نقوي ذريعي سسٽم جي ضامنن ۽ ن ليگ لاءِ سخت پيغام موڪلي ڇڏيو آهي،

  1. آصف زرداري جو محسن نقوي ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام؟

لاهور(مزمل سهروردي)صدر آصف علي زرداري محسن نقوي ذريعي اسٽيبلشمينٽ کي پيغام موڪليو آهي ته مريم نواز کي پ پ خلاف بيان بازي کان چپ ڪرايو وڃي،پ پ مريم نواز تي عسڪري دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿي،پنجاب ۾ ووٽ بئنڪ کان بغير پيپلز پارٽي قومي سياست نٿي ڪري سگهي،بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پ پ کي پنجاب مان سيٽون کپن،پر صورتحال اها آهي ته پنجاب ۾ پ پ لاءِ پوزيشن نه پئي ٿئي،جڏهن ته پ پ کي اندازو ٿي ويو آهي ته ن ليگ سان ويڙهه ڇيڙڻ سان ان کي نقصان ٿيندو،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ حڪومتي آشيرواد کان بغير ڪو به احتجاج نٿي ڪري سگهي،عمران خان کي ڪو به ماڻهو ڊيل جي آڇ نه پيو ڪري،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.