راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪئي آهي. سيڪيورٽي ذريعن موجب، انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن تحت هو نومبر 2025 کان پوءِ به پنهنجون ذميواريون جاري رکندو. سيڪيورٽي ذريعن تصديق ڪئي ته جنرل عاصم ملڪ نومبر کان پوءِ به ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تي برقرار رهندو. ان کان سواءِ نئشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندا رهندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران مدت ملازمت ۾ واڌ جو فيصلو ته ڪيو ويو آهي، پر اڃا تائين سرڪاري اعلان يا نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو ويو.
-
جنرل عاصم ملڪ جي جاءِ تي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ٿيندو؟
لاهور(مزمل سهروردي) ذريعن موجب ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل عاصم ملڪ جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ جا اطلاع آهن،ڪنهن به وقت نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ٿي سگهي ٿي،28 نومبر تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد به رٽائر ٿي رهيو آهي،جنرل عاصم ملڪ جي چوائس اهي ٿي سگهي ٿي ته کيس 28 نومبر تائين مدي ۾ واڌ ڏني وڃي ته 28 نومبر تي کيس جنرل ساحر شمشاد مرزا جي جاءِ تي فور اسٽار جنرل طور پروموشن ملي وڃي،ان سان کيس ٽي سال وڌيڪ ملي ويندا،عسڪري ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو مشڪل آهي ته جنرل عاصم ملڪ کي پروموٽ ڪيو وڃي،کيس قومي سلامتي جو صلاحڪار به ان ڪري بڻايو ويو هو ته هو رٽائرمينٽ کانپوءِ به قومي سلامتي صلاحڪار طور ڪم ڪندو رهي،ذريعن موجب آءِ ايس آءِ جي نئين سربراهه جي مقرري ٿي ويندي،گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ڊي جي ملٽري انٽيليجنس ميجر جنرل واجد پروموٽ ٿي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ ٿي سگهي ٿو ٻئي پاسي گهڻن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير وٽ هڪ ”نئون ڊارڪ هارس“ آهي جيڪو ان عهدي تي اچي سگهي ٿو،هن وقت ڪل 29 ليفٽيننٽ جنرل آهن انهن مان ڪو به ڊي جي آءِ ايس آءِ ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ انٽليجنس جو تجربو هئڻ گهرجي،ٻئي پاسي گهڻن ماڻهن جي اها به راءِ آهي ته ڊي جي سي ميجر جنرل فيصل نصير کي نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو وڃي پر هن جي پروموشن اڃا لائن ۾ ناهي،گهڻا ئي سينئر ميجر جنرل قطار ۾ آهن جڏهن ته اڳوڻو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جڏهن پنهنجي عهدي تان رٽائر ٿي رهيو هو ته هو 9 ڄڻن کي ليفٽيننٽ جنرل بڻائي ويو هو حالانڪه فوج ۾ سيٽون رڳو چار هيون پر هاڻي موجوده اسٽيبلشمينٽ قيادت ميرٽ تي فيصلا ڪري جيتريون سيٽون هونديون اوترا پروموشن ڪندي
-
ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي ۾ واڌ، حڪومت نوٽيفڪيشن ڳجهو رکيو؟
اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ کي عهدي ۾ واڌ ڏني وئي آهي، جڏهن ته سندس سروس جو آخري ڏينهن گذريل ڏينهن هو. قانوني طور آرمي چيف کي اختيار حاصل آهي ته هو ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مدت ۾ ٻن سالن تائين يا نئين حڪم تائين واڌ جي سفارش ڪري سگهي ٿو. ذريعن موجب، عاصم ملڪ جي واڌ بابت فيصلو اڳ ئي ٿي چڪو هو پر حڪومت اعلان يا نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، ۽ آرمي چيف جي خواهش تي هو نئين حڪم تائين عهدي تي برقرار رهندو. ماضي ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم کي نومبر 2021 ۾ مقرر ڪيو ويو هو، جيڪو هن سال جي شروعات تائين عهدي تي رهيو، جڏهن ته موجوده حڪم موجب عاصم ملڪ آرمي چيف جو مڪمل اعتماد حاصل ڪندڙ اختيارن وارو آفيسر آهي. ذريعن موجب هاڻي اهڙن نوٽيفڪيشنن کي عوامي نه ڪرڻ جو مقصد قانوني چئلينجن کان بچڻ آهي، ڇو ته اڳ اعلان ٿيڻ بعد ماڻهو غلطيون ڳولي عدالتن ۾ وڃڻ لڳندا هئا. 26هين ترميم کان پوءِ عدالت ۾ اهڙا معاملا اڀري به نٿا سگهن. تنهن ڪري عاصم ملڪ عملي طور ڊي جي آءِ ايس آءِ جي حيثيت ۾ پنهنجا اختيار برقرار رکندو.