ڪلوئي ۾ قهر، بااثر جي بڇ تي پيرسن کي ڪپڙن کان آجو ڪري بي رحمي سان تشدد

  ڪلوئي (رپورٽ:نواز لنڊ) ڪلوئي ۾ پورهيت پاران گهرن جي پاسي ۾ مال ٻڌڻ تان منع ڪرڻ تي بااثر جي بڇ تي پيرسن کي رسن سان ٻڌي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪيو ويو ويو آهي. ڪلوئي ٿاڻي جي حد ڳوٺ کاڙڪ ۾ پورهيت رمضان جينداڻي پاران برادري جي بااثر کي گھرن ڀرسان چوپايو مال ٻڌڻ کان انڪار ڪرڻ تي بااثر آپي مان نڪري ويو پنھنجي ڇاڙتن کي بڇ ڪري پيرسن پورھيت رمضان جينداڻي کي ڪپڙن کان آجو ڪرائي وڊيو رڪارڊ ڪري لٺين ۽ ڪهاڙين سان وحشياڻو تشدد ڪرائي وات ۽ ويھڪ جي جڳھ تي مرچ وڌا ويا پورهيت رمضان جينداڻي جي دانهن تي هٿ پير ٻڌي جوابدار وحشياڻو تشدد ڪري فرار ٿي ويا متاثر پورهيت جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي متاثر پورھيت رمضان جينداڻي کي بيھوشي واري حالت ۾ ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو ويو پورھيت رمضان جينداڻي جي پٽ علي بخش جينداڻي دانھيندي ٻڌايو ته اسان غريب ۽ بي پهچ آهيون اسان وٽ ايترا وسيلا ناهن جو ظالم بااثرن سان وڙهي سگهون ظلم جي انتها ٿي آهي منھنجي پيء کي ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪرڻ بعد وڊيو رڪارڊ ڪيا ويا آھن. اسان وٽ ايترا پئسا ناهن جو علاج ڪرائي سگهون ۽ هاڻي برادري جا بااثر مڇرجي گھرن ڀرسان مورچو قائم ڪري ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ سميت ڳوٺ مان نيڪالي به ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن،آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ميرپورخاص ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ڪلوئي پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي واقعي جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي وارثن مان ڪو ٿاڻي تي ايندو ته ڪيس داخل ڪيو ويندو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو جوابدار به گرفتار نه ٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.