اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخوا، بلوچستان ۾ انتهاپسندي خلاف کليل آواز اٿاريو هو، طالبان، ٽي ٽي پي، القاعده عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻن ۽ ٻارن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻايو هو. ان پارٽي جي نوجوان اڳواڻ کان سڪيورٽي واپس وٺڻ زيادتي آهي، رياست اهو چئي ڇڏي ته اوهان پاڻ ڄاڻو، ائين بينظير ڀٽو سان به ٿيو هو. ايمل ولي چيو هو ته سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ معدنيات جا معاهدا ڪهڙي حيثيت ۾ ڪري رهي آهي؟ ان جو منطقي جواب ڏيڻ بدران گارڊ واپس وٺڻ ۽ آڱريون کڻڻ ائين لڳي ٿو ته ڪا شئي نشاني تي لڳي وئي آهي. ڪو ڳالهائي ٿو ته ان جو جواب ڳالهه سان ڏيڻ گهرجي، ڳالهين سان جواب نه ڏنو وڃي ته مطلب اوهان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، اوهان جو بيانيو ٻڙي ٿي ويندو آهي. ايمل ولي خان سڪيورٽي افورڊ ڪري ٿو، سندن جانثار سپاهي آهن. ايمل ولي خان پارليامينٽ ۾ ڪنهن به معاملي تي اختلاف ڪرڻ جو حق رکي ٿو ۽ ڳالهين سان جواب ڏيڻ گهرجي. ٻئي پاسي ايمل ولي کي سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ڇو ياد اچي وئي؟ ڪالهه تائين ته هو 26هين ترميم جا فائدا ڳڻائي رهيو هو، ڪريڊٽ کڻندو هو. هاڻي کيس سڪيورٽي وٺڻي هجي ته ڪهڙي عدليا ڏانهن ويندو؟ ڇا ڪو رستو بچي ٿو؟ 26هين ترميم جي حمايت ڪري ٿو ته پوءِ تعبيداري پوري ڪري، من پسند بيان پوءِ اعتراض جو سبب بڻجن ٿا ۽ ان جا خدشا هوندا آهن. اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هو بيٺو ڪهڙي پاسي آهي.