اسلام آباد (بيورو) عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جو سربراهه ايمل ولي خان سخت سيڪيورٽي هيٺ، ڳاڙهن ڪپڙن ۾ پارٽي گارڊز سان گڏ پارليامينٽ هائوس پهتو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته جيڪڏهن کيس يا سندس خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڪجهه به ٿيو ته ذميوار وفاقي گهرو وزير هوندو،اسان جي ڪنهن سان پراڻي دشمني ناهي پر اسان رياست سان گڏ انتهاپسندي خلاف بيٺل آهيون،اسان پهاڙن وانگر انتهاپسند خلاف بيٺل آهيون،هن چيو ته رياست پاڻ اسان جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي ته اسان جا وڏا پاڻ سامهون اچي ويا،پختون ته جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن،هزارين ماڻهن اسان جي سيڪيورٽي لاءِ بندوقون کڻي ڇڏيون آهن، هاڻي اهو ماحول ڪمزور رياست کان شايد برداشت نه ٿئي، سيڪيورٽي واپس وٺڻ ڪم ظرفي آهي،هوڏانهن مردان جي ميئر حمايت مايار جي اپيل تي اي اين پي جا هٿياربند ڪارڪن ايمل ولي خان جي حفاظت لاءِ سندس اباڻي علائقي ۾ گڏ ٿي ويا. ميئر جو چوڻ هو ته جيڪڏهن رياست سيڪيورٽي نه ڏيندي ته پارٽي ڪارڪن پاڻ پنهنجي اڳواڻ جي حفاظت ڪندا.