لاهور (عمران شفقت) ائين لڳي ٿو ته مريم نواز پنجاب ۾ گهڻو ڪم ڪري رهي آهي، رياستي مشينري سندس اکين ۾ ڪيئن ڌوڙ وجهي ٿي اها ڌار ڪهاڻي آهي. ٻئي پاسي سنڌ ۽ پنجاب جي ڀيٽ ناهي، ڪراچي جون حالتون خراب آهن، ڪراچي وارا لاهور جي تعريف ڪندا آهن. پيپلزپارٽي کي 17 سال ٿي ويا آهن پر ڪا جوڳي اڳڀرائي نظر نٿي اچي. اسپتالن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر رڳو اسپتالن ۾ ترقياتي ڪم ٿيو آهي. ڪراچي کي خراب نموني نظرانداز ڪيو ويو آهي جنهن تي پيپلزپارٽي وارا ناراض ٿي پوندا آهن. مريم نواز هڪ ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو هو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف جي سياست جو پنهنجو انداز آهي پر مان ماضي جي غلام نه آهيان، منهنجو طريقو پنهنجو آهي، اهڙي ريت هن ٻنهي کي چئي ڇڏيو ته هاڻي توهان پنهنجو ڪم ڪريو ۽ مون کي ڪم ڪرڻ ڏيو. ان جي هڪ ڪلپ اطلاعات ۽ نشريات واري کاتي پاران وائرل ڪرائي وئي هئي. وفاق کي درپيش چئلينج اهڙا آهن جو پي ٽي آءِ کي به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو. اسٽيبلشمينٽ ان ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي ۽ سمجهي ٿي ته اتحاد سان چئلينجن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. امڪان آهي ته مريم نواز جي سياسي روش کي اسٽيبلشمينٽ سٺي نظر سان نٿي ڏسي. شهباز شريف اسٽيبلشمينٽ جي راءِ نواز شريف تائين ضرور پهچائي هوندي. پنجاب ۾ سياسي مخالف يوسف رضا گيلاني جي پٽن جي سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، ان کان اڳ علي حيدر اغوا ٿيو هو جيڪو 3 سال طالبان جي قيد ۾ هو. سندس واپس اچڻ کانپوءِ کيس سڪيورٽي ڏني ويندي هئي. ظاهر آهي ته سڪيورٽي ان لاءِ واپس ورتي وئي آهي جو سياسي پارو وڌي رهيو آهي، اهو سبق سکائڻ جو فيصلو لڳي ٿو. پنجاب حڪومت جي اهڙي طرز عمل ۽ وفاق جي ايمل ولي بابت طرز عمل جي ساراهه نٿي ڪري سگهجي. ڪا گڙ ٻڙ ٿي ته ڳالهه ڳچي ۾ پئجي سگهي ٿي.