سنڌ بار ڪائونسل جي 2 لک رپيا نامزدگي فيس وارو فيصلو معطل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بار ڪائونسل پاران چونڊن لاءِ مقرر ڪيل 2 لک رپيا نامزدگي فيس وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين فيس جي وصولي تي به پابندي لڳائيندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي 13 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. نامزدگي فيس خلاف درخواست اميدوار وسيم شيخ طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته فيس 50 هزار رپين مان وڌائي 2 لک رپيا في اميدوار مقرر ڪرڻ غير مناسب ۽ غير منصفاڻو عمل آهي. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته بار ڪائونسل جا ميمبر وڪيلن جي ڀلائي لاءِ چونڊيا ويندا آهن، اهڙي فيس سان ڪيترائي اهل اميدوار چونڊ عمل کان رهجي ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.