ڀرياروڊ/ڀرياسٽي (محبوب نوناري+مير محمد سهتو) ڀرياروڊ ۾ بدامني وڌي وئي آهي، جتي روز وڌندڙ ڏوهن سبب شهري ۽ واپاري غير محفوظ بڻجي ويا آهن. شهر جي چوڌاري روڊ نوگو ايريا بڻجي ويا آهن. تازو ڳوٺ طالب حسين جو رهواسي، 45 ورهين جو واپاري عابد حسين آرائين، غلا منڊي ويجهو قبرستان ڀرسان موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي نامعلوم هٿياربند ڦورن هٿان قتل ٿي ويو. عابد حسين پنهنجي دڪان ڏانهن اچي رهيو هو. قتل خلاف ڀاءُ راشد علي آرائين ۽ ٻين وارثن پاران لاش فاروق اعظم چوڪ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ واپاري، شهرين ۽ آرائين برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو. ڊي ايس پي عبدالمجيد احتجاج واري هنڌ پهچي 24 ڪلاڪن ۾ جوابدارن جي گرفتاري جو واعدو ڪندي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ روانو ڪيو. احتجاج ۾ وائيس چيئرمين امير علي شاهه، سماجي اڳواڻ محمد شفيق آرائين ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.