استادن جو عالمي ڏھاڙو ۽ سنڌ جي تعليم

محمد احسان لغاري

ھن سال  يونيسڪو 5 آڪٽوبر 2025 تي استادن جي عالمي ڏينھن ملھايو؛ ان ڏڻ تي  استادن کي مصنوعي ذهانت (AI) جي واڌارن کي ڏسندي، تعليمي اڳڀرائي ۽ اڳواڻي ۾ تبديلي جي محرڪ طور عزت ڏيڻ جو سڏ ڏنو ويو آهي۔ ھن سال جي اھم تقريب   ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪ ڪمبوڊيا جي گادي جي ھنڌ  پنوم پينهه  ۾ رکي وئي۔ اتي  بحث  شاگردياڻين ۽ شاگردن کي ڊجيٽل  مستقبل لاءِ  تيار ڪرڻ بابت ٿي رهيا آهن. پر، پاڪستان، سنڌ اندر ساڳئي ڏينهن بنهه مختلف حالتون آھن. هڪ تعليمي نظام جي بھتري جا رستا ڄڻ گم ٿيل آھن؛ ”پنھنجي پير تي پاڻ ڪھاڙي ھڻڻ“ وارو پھاڪو شايد تعليمي نظام کي بھتر ڪرڻ جي ڪوششن کي عملي طور ظاھر ڪري ٿو۔ 2010 کان وٺي ھر ٻين يا ٽين سال ٻوڏن ۾ گھريل سنڌ کي تعليمي ڇيھا ڪي انھن شديد نقصانن کان گھٽ نه رسيا آھن ۽ صوبي جو انساني سرمايو/ ھيومن ڪيپيٽل، جھُري پيو آهي. ٻوڏن کان هڪ وڌيڪ آفتن جھڙي  گھري ادارتي ۽ انتظامي غفلت، بدعنواني ۽ اڻڄاتل اڻ برابري تعليم جي معيار، مقدار ۽ اخلاقيات کي ٻوڙي رهيا آهن.

استاد، پنھنجي ڪئي ڪمزورين جي باوجود، اڌوگابرن  ڪلاسن ۾ مضبوطيءَ سان، نظام جي اڪيلي بچاءُ واري  ديوار طور ثابت قدم آهن!  پر اهي  تعليمي کاتي جي افسرشاھي/بيوروڪريٽڪ سُن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن جيڪو بامعني تبديلي کي روڪي ٿو. سياسي تقريرون، عوام آڏو ٿيل وچن ،  علمي اڏاوتي ۽ ماڻھن کي ھيڏانھن ھوڏانھن ڪرڻ جي نتيجي ۾ مالي ملھارن آڏو ڪوڙا ۽ بي معني ٿي پيا آھن!

جڏھن ٻارڙن جي اسڪولن ۾ داخلا (انرول مينٽ) پھچ، معيار ۽  صنفي برابري تي انگ اکر  ڏسون ٿا ته ھانو ڇڄيو پوي ۽ سنڌ جي ڏکويل حالت کي پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه (KP) سان ڀيٽ ڪيون ٿا ته ڇرڪ نڪريو وڃن۔ پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علمي اُميد جا ڏيا به ٻرندا نظر اچن ٿا. اسان کي ان اتساھ سان گڏ ڪي پي کان به سکڻو آھي جيڪو صوبو ڏھاڪن کان جنگي حالتن ۾ ھوندي به پنھنجا تعليمي انگ اکر معياري ۽ مقداري طور تي گھڻا بھتر ڪيا آھن۔

تعليم تائين پهچ ۽ معيار جا اهم انگ اکر :

سنڌ جو تعليمي ادارتي گھاڙيٽو گھڻ رخي آھي انتظامي لحاظ کان به ته پراجيڪٽن ۽ پروگرامن جي حوالي سان پڻ۔ عالمي ادارن جو سھڪار، عالمي مالياتي ادارن ۽ گڏيل قومن جا پراجيڪٽ، ٻين ملڪن جي انفرادي مدد ( يورپي ملڪ، جاپان جو جائڪا، وغيرھ)، ساليانو صوبائي ۽ وفاقي وارو پروگرام ھڪ وسيع گوناگونيت آھي۔ اھو سڀ ڪجهه ھوندي بھتري نه اچڻ يا گھٽ اچڻ جا ڪارڻ ڳولڻ اھم آھن. لڳ ڀڳ اڌ سنڌ ٻهراڙين ۾ رھي ٿي۔ اتي  6 کان 16 سالن جي ٻارن جي داخلا صرف 85 سيڪڙو آهي، جنهن ڪري 15 سيڪڙو  يعني لکين ٻار  جھالت جي اونداهين ۾ رهن ٿا. هي انگ پنجاب جي مضبوط 93 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا جي 90 سيڪڙو جي مقابلي ۾ تمام گهڻو پوئتي آهي!  قومي انگ اکر 86 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ۔ اسان ملڪي سراسري کان به گھٿ آھيون ۽ ان کي خراب ڪرڻ جا ذميدار پڻ آھيون۔

اسڪول کان ٻاھر رھندڙ ٻارن جا انگ اکر تعليمي نظام جي ڳڻتي واري حالت کي ويتر وڌائين ٿا۔ سالياني حالت جي تعليمي رپورٽ / اينيل اسٽيٽس آف ايجوڪيشن رپورٽ 2023 مطابق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري شرح 5-16 سالن جي عمر لاءِ جيڪي اسڪول نه ٿا وڃن 10.3 سيڪڙو مقرر ڪري ٿو۔ سنڌ ۾ لڳ ڀڳ  پنجاھ لک ٻارڙا ۽ ٻارڙيون اسڪول کان ٻاھر آھن! ASER 2023 مان تعليمي معيار، مهارت ۽  قابليت جي سطح کي ظاھر ڪندڙ انگ اکرن کي ٿورو ويچاريون ته سھي ۽ ڏسون اسان ڪٿي بيٺل آھيون۔ سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ جي پنجين درجي جي شاگردن مان صرف 38.5 سيڪڙو سنڌي يا اردو ۾ هڪ سادي ڪهاڻي پڙهي سگهن ٿا. پنجاب جي 65 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا جي 44 سيڪڙو!،  انگي حساب (ارٿميٽڪس) ۾ اڃان وڌيڪ جڏا آھيون: صرف 27 سيڪڙو ٻن انگن جي ونڊ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته پنجاب 61 سيڪڙو تي سڀ کان اڳيان آهي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ رڳو  16 سيڪڙو آھي، جڏهن ته خانگي  اسڪولن ۾ 18 سيڪڙو آهي. هي صرف انگ ناهن؛ اهي هڪ وڏي ويساھ گھاتي  کي ظاهر ڪن ٿا جيڪا سنڌ سان ڪئي وئي آھي. ٻوڏن سٽيل  ضلعن (2022 جي ٻوڏ) ۾،  11 سيڪڙو ٻارن ۾ پڙھڻ يا ڪٽ جوڙ ونڊ ۽ ضرب ڪرڻ جي صلاحيت ڏٺي وئي ، جڏهن ته پنجاب جا نوجوان ڪارائتي تعليم/ خواندگي ڏانهن وڌي رهيا آهن جيڪا اقتصادي ترقي ۽ روزگار لاءِ بنيادي عنصر آھي.

ٻارڙن ۽ ٻارڙين جي تعليم ۾ فرق/ جنسي اڻ برابري تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ آھي جنھن تي اکيون ٻوٽيو ويٺا آھيون ۔ پرائمري سطح تي ڇوڪرين جي اسڪول کان ٻاهر  ھجڻ جو سيڪڙو 53.9 تائين آھي، جيڪو ڇوڪرن جي 41.7 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي ۽ هائير سيڪنڊري ۾ 66.6 سيڪڙو ڇوڪرون ۽  57.1 سيڪڙو ڇوڪرا نه ٿا پھچن؛ اسان ڄڻ وچن ڪيو آھي ته سنڌ کي ۽ نياڻين کي اڻپڙھيل رکنداسين؛ مٿان وري ڀاشن به ڏيون ٿا ويٺا سنڌ سان سچي ھئڻ جو !  پنجاب نشاندهي ڪيل سيڙپڪاري ۽ خانگي شعبي ذريعي هن ويڇي ( ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي وچ ۾) کي  لڳ ڀڳ ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽  داخلا جي اڻ برابري کي گهٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته خيبرپختونخوا جدوجهد ڪري رھيو آھي  ۽  ڇوڪرين لاءِ پنجين درجي تائين  سنڌ کان اڳتي آهي.

ايڏن پراجيڪٽن ھوندي ۽ اڏاوتي پروگرامن جا ”خاص“ ڍانچا جوڙڻ باوجود پرائمري ڇوڪرين جي اسڪولن مان 56.8 سيڪڙو کي پاڻي جي کوٽ، 56.6 سيڪڙو کي ٽوائليٽ/ ڪاڪوس کان سواءِ ۽ صرف 31 سيڪڙو ۾ بجلي جو ھجڻ  اسان جي اڏاوتي ڪمزورين ۽ نياڻين لاءِ  رڪاوٽن کي وائکو ڪن ٿيون۔   پنجاب ۽ خيبرپختونخوا اھڙن مسئلن کي ختم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيون ناڪاميون ڪو اتفاق نه آهن؛ اهي اداراتي خرابي ۾ وڌن ٿيون. اهي صوبائي فرق مقداري ۽ معياري لحاظ کان اسان جي حڪومتي ۽ ادارتي ترجيحن، عملن ۽ بي پرواھي کي ظاھر ڪن ٿا۔ اسان کي اھڙي نشي جي ڪرت ۾ مبتلا ڪن ٿا جنھن جي ڪري اسان جي روشن خيالي، علم، ڏاھپ،سائنس ۽ حسابن لاءِ تڙپ ختم ٿي وئي آھي  ۽ ڪمزور تعليمي حال ۽ اونداھون بي علم مستقبل اسان کي نٿا جھنجھوڙين!

اچو ڪجهه کولي ڳالھيون ڪيون، اھڙن عملن جو ذڪر جن تي چاھيندي يا نه چاھيندي ھِري ويا آھيون۔  تعليمي کاتي ۾ بدليون، پوسٽنگون ۽ موڪلون، يا اھڙا ٻيا عام رواجي ڪم پڻ پئسن ۽ سفارشن جا محتاج آھن۔آفيسر ڪنھن سيڪن جو ھجي يا ڪنھن بيٽ جو، وچون ماڻھو ھجي يا پاڻمرادو نمائندو، سڀن کي ترڪڻو آھي تنھن کانپوءِ ڪم ٿيندو. وقف استادن لاءِ زندگيءَ جھڙيون اھي ڳالھيون ۔ ڄڻ پنڊِ پھڻ ڪري ڇڏين ٿيون۔  ۽ انهن ئي استادن کي خراب ڪن ٿيون جيڪي مشڪلاتن جي باوجود علم کي جاري رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. ھڪ سيڪشن آفيسر کان وٺي ڪنھن قابل سياستدان يا  وزير تائين جي ترقي ۽ زندگي ۾، گھٽ ۾ گھٽ ھڪ بي لوث  استاد ضرور آيو ھوندو يا ھوندي جنھن ھنن کي بنيادي سکيا ۽ علم ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو! ان ڳالهھ کي ذھن ۾ رکندي پوري تعليمي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آھي ! ھي ڪا جذباتي ڳالھه ناھي بلڪه علمي گھاڙيٽو آھي . استادن جي غير حاضري يا ادارتي  تعطل بابت بحث هڪجهڙا نه آهن؛ ڊيٽا/ انگ اکر  مضبوطي سان تصديق ڪن  ٿا ،استاد ڪئي ڏکاين جيئن  بجلي جو نه ھئڻ، مينھن جھڙ واءُ، فرنيچر وغيره جي اڻھوند  جي باوجود به بهترين ڪوشش ڪن ٿا۔ پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪن ٿا، مثالي اسڪول قائم ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان جي ادارتي لحاظ کان ڪا مڃتا نه ھوندي آھي ۽ پئسي جو ڪمائڻ جو بنياد ئي نااھلي تي ٻڌل آھي، انڪري نظام اڻ سڌي طرح نااھلي کي وڌائي ٿو ۽ چڱو ڪم ڪندڙن يا اڳڀرائي ڪندڙن کان يا ته بي پرواھ ھجي ٿو يا وري ان کي پوئتي ڌڪي ٿو جو متان سندن ڪمزوريون نه ٿين ۽ ماڻھو بھتر تعليمي ۽ ميرٽ واري عملن جي گھُر نه ڪن !

طاقتور ۽ مٿين ڪلاس جا مفروضا:

اوھان اڪثر گھڻن کي چوندي ٻڌو ھوندو ته ادا اھي گوڏر ٻارن کي پڙھائين ئي نه ٿا چاھين ! اھو وڏو ڪوڙ آھي۔ سنڌ علم لاءِ پياسي آھي۔ شھر  ھجن يا ڳوٺ!  ٻهراڙيءَ جا يا اڻپڙهيل والدين علم لاءِ وڏو اتساھ رکن ٿا۔  مائرون محنت ڪري، پنھنجا ڳھه ڳٺا ڏئي، ڍور وڪڻي ٻچن جي تعليم لاءِ پتوڙين ٿيون؛ پيئر ڀائر پڻ ڏينھن رات ھڪ ڪن ٿا ته جيڪر سندن ٻچا پڙھي وٺن۔

مستقبل

سنڌ ۾ تعليم جو مسئلو سؤ ڪالا باغ ڊئمن جھڙو آھي۔ ان مسئلي جا حل موجود آھن، مثال موجود آھن، اھڙا استاد، فرد ۽ تنظيمون موجود آھن جن سان جيڪڏھن حڪومت سھڪار ڪري ته پنجن سالن ۾  سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ھاڪاري تبديلي اچي سگھي ٿي ۽ ٻين صوبن سان برابري ڪري سگھون ٿا۔ ان ڏس ۾ ادارتي گھڻائي کي يا ڪئي شعبن ۽ پروگرامن کي ڏسي جامع ڪيو وڃي، ميرٽ تي استاد ۽ بدليون، ضلعي سطح جو ادارتي ڍانچو، اجايو وڌايل تھن جو خاتمو، ھر يوسي ۾ ھڪ ماڊل اسڪول، خانگي سرڪاري اسڪولن جا ساڳيا سيليبس ۽ ڪتاب، تعليم کاتي جا آن لائين واضح پروگرام، بھتر اسڪول تائين پھچڻ جا ذريعا ۽ رستا، حڪومت جون پنھنجون ٺاھيل پاليسيون ۽ انھن تي عمل، آفتن  جي انتظام ڪري ۾ اسڪولن ۽ تعليم کي رکڻ، سڀن ميمبرن صوبائي يا قومي جي سنڌ سان واسطو رکندڙن کي ملندڙ بجيٽ کي صرف ۽ صرف تعليم ۽ پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪجهه سالن تائين وقف ڪرڻ، ھر ميمبر کي نياڻين جي تعليم جا ھر سال جا ٽارگيٽ ڏيڻ، ڪم ڪري ڏيندڙ ڪارندن وارو سرشتو ختم ڪرڻ، اسڪولن جي وچ۾ چٽاڀيٽيون ڪرڻ ۽ وڏا انعام ڏيڻ، علم کي سنڌ لاءِ حڪومتي سطح تي اتساھ جو باعث تسليم ڪرڻ ۽ ٻيا اھڙا عمل! اوھان ڏسندا ته انھن مان گھڻو ڪري ڪو به پيسو خرچ نه ايندو؛ سنڌ جي تعليم جي شعبي جي ھاڻوڪي بجيٽ ڪا گھٽ ڪونھي !

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.