سنڌ جو خراب حشر ڪيو ويو آهي: کيئل داس ڪوهستاني

ميھڙ (ن ع آ) وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني ميھڙ ڀرسان اگھاماڻي پھتو جتي ھن مسلم اليگ ن جي ضلعي صدر الطاف عباسي سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو ته وزيراعظم شھباز شريف جي ڪوشش سان ملڪ ترقيءَ ڪئي آهي، پاڪ فوج ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو آھي، شرجيل ميمڻ سنڌ گهمي ڏسي ته کيس خبر پوي وفاق سنڌ کي هر سهولت ڏني آهي، مريم نواز جو بھتر ڪم ھنن کان  برادشت نه پيو ٿئي ان جي ڪارڪردگي کان خوف ۾ اچي غلط پروپيگنڊه ڪري رھيا آھن، مريم نواز شريف پنھنجي صوبي جي ماڻھن جي خدمت ڪرڻ جي ڳالھ ڪري ٿي ان کي غلط رنگ ڏنو پيو وڃي اگر ھنن کي مقابلو ڪرڻو آھي ته مريم نواز جي ڪم سان ڪن، مريم نواز سپر وزيراعلي ثابت ٿي آھي سندن بھتر ڪم ڏسي مخالف بوکلائجي ويا آھن، اسان کين صلاح ڏيون ٿا ته ريس ۽ ساڙ ڪرڻ بجاء مقابلو ڪن، سنڌ حڪومت سنڌ ۾ ڪم ڪري ماڻھو بدامني ۽ خراب حڪمراني توڙي خراب انفراسٽرڪچر بابت پ پ پ وارن کان سوال ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.