ڪراچيءَ ۾ ڏينهن سان گڏ راتيون به گرم ٿي ويون، موسميات کاتي اپڊيٽ جاري ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ⁠ته شهر جون راتيون به گرم رهڻ لڳيون آهن.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، جنهن سبب اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ صبح شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 22.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو، هوا ۾ گِهم جو تناسب 52 سيڪڙو آهي، جڏهن⁠ ته اوڀر کان هوائون 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان گُهلي هلي رهيون آهن.
موسميات کاتي موجب، شهر ۾ نه رڳو ڏينهن پر راتيون به گرم ٿي رهيون آهن، ڪالهه ڪراچي ۾ ڏينهن جو گرمي پد مارچ جي معمول کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ⁠ته گذريل رات جو گرمي پد مارچ جي معمول کان 3.7 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.