هانيا عامر جي عاصم اظهر سان شادي؟ يشما گل به خاموشي ٽوڙي ڇڏي

لاهور(ُيب ڊيسڪ) اداڪارا يشما گل پنهنجي ويجهي دوست اداڪارا هانيا عامر ۽ گلوڪار عاصم اظهر جي شادي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
ويجهڙ ۾ اداڪارا هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي فون ڪال تي هڪ مداح هانيا عامر ۽ عاصم اظهر جي شادي بابت سوال ڪندي کائنس پڇيو ته ” تون هانيا عامر جي بيسٽ فرينڊ آهين، ڇا تون اسان کي جوڙي جي شادي بابت ڪجهه ٻڌائي سگهين ٿي؟
جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته ڪنهن جي شادي جو معاملو ذاتي هوندو آهي، جن جي شادي طئي هوندي آهي، اُهي پاڻ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندا آهن.
يشما گل چيو ته جيڪڏهن توهان مون کان پڇو ته مون کي هانيا ۽ عاصم جي شادي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، پر جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿيو ته ٻنهي سپر اسٽارز جي سوشل ميڊيا پليٽفارمز تان ضرور خبر پئجي ويندي.
اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي اها ئي دعا آهي ته سڀني جي شادي سٺي هنڌ ۽ صحيح وقت تي ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.