ممبئي (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي دي هَنڊريڊ ليگ ۾ پاڪستاني اسپنر ابرار احمد کي ڀارتي ملڪيت واري فرنچائز سن رائزرز ليڊز ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي تي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) جي نائب صدر راجيو شڪلا جو بيان سامهون آيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي راجيو شڪلا چيو ته هي ملڪ کان ٻاهرين ليگ جو معاملو آهي، هي معاملو آءِ پي ايل سان واڳيل نه آهي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر چيو ته هي معاملو اسان جي اختيارن واري دائري ۾ نه ٿو اچي، سن رائزرز فرنچائز انتظاميا اهو فيصلو پرڏيهي ليگ ۾ ڪيو آهي جتي هڪ ٽيم سندن ملڪيت آهي.
راجيو شڪلا وڌيڪ چيو ته اهو هڪ فرنچائز جو فيصلو آهي ۽ اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون.
معاملو ڇا آهي؟
واضح رهي ته دي هَنڊريڊ ليگ 2026 جي پليئر نيلامي تقريب دوران آءِ پي ايل فرنچائز سن رائزرز حيدرآباد جي مالڪياڻي ڪاويه مارن سن رائزرز ليڊز لاءِ پاڪستاني اسپنر ابرار احمد کي ڪروڙين روپين ۾ خريد ڪيو.
سن رائزرز ليڊز ابرار احمد کي هڪ لک 90 هزار پائونڊ ۾ خريد ڪيو، جڏهن ته ڀارتي مالڪن کي پاڪستان مان ڪرڪيٽر کي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.