رياض (ويب ڊيسڪ) برطانوي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته روس ۽ ايران عالمي معيشت کي ”هاءِ جيڪ “ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، برطانوي پرڏيهي وزير يوويٽ ڪوپر چيو آهي ته روس ۽ ايران عالمي معيشت کي هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ڇو ته آبناءِ هرمز ۾ حملن سبب سامونڊي ٽريفڪ محدود ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته ايران جي نئين سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي خميس ڏينهن چيو هو ته هو آبناءِ هرمز وٽان لنگهندڙ سامونڊي جهازن جي چرُپُر روڪي ويندي، جڏهن ته آمريڪا روسي تيل جي خريداري تي مڙهيل پابندين ۾ عارضي نرمي جو اعلان ڪيو هو.
يوويٽ ڪوپر چيو ته ” روس ۽ ايران جا لاڳاپا ڊگهي عرصي کان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي رويي ۽ حربن ۾ به ڪافي هڪجهڙائي موجود آهي.“
هن چيو ته ”اسان ڏسي رهيا آهيون ته هي ٻئي رياستون هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۽ گڏجي لاڀ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ته جيئن عالمي معيشت کي هاءِ جيڪ ڪري سگهجي.“
يوويٽ ڪوپر سعودي عرب جي ريگستان ۾ برطانوي فوج جي ايئر ڊفينس يونٽ جو دورو ڪيو.
ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رائل آرٽيلري جي فوجين جو هي دستو سعودي عرب ۽ ان نار وارن عرب اتحادي ملڪن لاءِ برطانيا جي جاري دفاعي عزم جو حصو آهي.
واضح رهي ته اِها مقرري جنهن کي ”آپريشن ڪراس ويز“ جو نالو ڏنو ويو آهي 2022ع ۾ شروع ٿي هئي هئي، پر ايران طرفان روزانو ڊرون، ڪروز ۽ بيلسٽڪ ميزائل حملن کانپوءِ ان جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي.
رياض ۾ برطانيا جي دفاعي اتاشي بريگيڊيئر بين وائلڊ موجب، ايران بنيادي طور تي خطي ۾ موجود آمريڪي فوجين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، برطانوي فوجين کي نه ۽ گڏوگڏ اقتصادي هدفن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي.