اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)فنانشل ٽائيمز جي رپورٽ مطابق فيلڊ مارشل عاصم منير جي ويجهن مشيرن آمريڪي عملدارن کي عربي سمنڊ جي نئين بندرگاهه تعمير ۽ هلائڻ جي آڇ ڪئي آهي۔ منصوبي جي تفصيل مطابق آمريڪي سيڙپڪارن کي بلوچستان جي ضلعي گوادر جي تعلقي پسني ۾ هڪ ٽرمينل قائم ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي، جيڪو پاڪستان جي قيمتي معدني وسيلن تائين رسائي فراهم ڪندو۔ هي پيش رفت ان وقت سامهون آئي آهي، جڏهن گذريل مهيني وزيراعظم شهباز شريف ۽ فوجي قيادت وائٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ زرعي، ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ معدني شعبي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي درخواست ڪئي وئي هئي۔ منصوبي جو خاڪو واضح ڪري ٿو ته بندرگاهه کي آمريڪي فوجي اڏي طور استعمال نه ڪيو ويندو پر ان جي ذريعي ترقياتي سيڙپڪاري آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي۔ ان جو بنيادي هدف هڪ ريل نيٽ ورڪ تعمير ڪرڻ آهي. جيڪو بندرگاهه کي پاڪستان جي معدني وسيلن سان مالا مال مغربي صوبن سان ڳنڍيندو۔ هي قدم بيجنگ ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ وڌندڙ مقابلي جي تناظر ۾ نه رڳو پاڪستان جي پاليسي جي رخ کي متاثر ڪري سگهي ٿو پر خطي ۾ طاقت جي توازن تي به گهرا اثر وجهي سگهي ٿو.
پسني ۾ آمريڪي اڏي کي چين قبول نه ڪندو ؟
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان طرفان پسني کي آمريڪي حمايت يافته بندرگاهي سهولت طور ترقي ڏيڻ جي آڇ رڳو هڪ انفراسٽرڪچر منصوبي تائين محدود ناهي پر هڪ وڏي جاگرافيائي حڪمت عملي جو حصو آهي۔ اسلام آباد ظاهر ۾ پنهنجي پوزيشن کي عالمي طاقتن جي شطرنجي راند ۾ نئين نموني ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، مڪراني ساحل تي واقع ننڍڙو ماھيگيرن جو علائقو بظاهر غير نمايان نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾ اهو واشنگٽن ۽ بيجنگ جي وچ ۾ طاقت جي راند جي وچ تي اچي بيٺو آهي، پاڪستاني قيادت جو خيال آهي ته هو بيجنگ جي سيڙپڪاري کي برقرار رکندي واشنگٽن کي خوش ڪري سگهي ٿي۔ پر هي اميد رکڻ ته چين 60 ارب ڊالر جي سي پيڪ سيڙپڪاري جي باوجود پنهنجي دروازي تي آمريڪي منصوبي کي خاموشي سان قبول ڪري وٺندو، اسٽريٽجڪ منطق جي ابتڙ آهي.
پسني ۾ آمريڪي اڏي جون ڳالهيون، ايران ۽ چين کي سخت خدشا ٿيندا
اسلام آباد (امتياز گل) آزاد ڪشمير ۾ 6 ڏينهن تائين جاري احتجاجن ۽ ڳالهين کانپوءِ صورتحال جو سياسي طور حل ڪڍيو ويو آهي، جيڪو وفاقي حڪومت جي سهڪار سان ممڪن بڻيو، جتي وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جي اڳواڻي ۾ ڳالهين کانپوءِ هڪ معاهدو طئي ٿيو. ڪو شڪ ناهي ته جڏهن ٻين قوتن جي پيدا ڪيل صورتحال ۾ ڏکيائين پيدا ٿين ٿيون ته پوءِ سياسي پيادن کي اڳتي آندو ويندو آهي. سياسي مبصرن موجب، حڪومت کي پهريون ڀيرو عوامي ايڪشن ڪاميٽي سان سڌي ڳالهين تي مجبور ٿيڻو پيو، جيتوڻيڪ اڳ چيو پئي ويو ته احتجاج ڪندڙن جا مطالبا پرڏيهي ايجنڊا جو حصو آهن پر جڏهن حڪومت پاڻ انهن مطالبن کي قبول ڪيو، ته ظاهر ٿيو ته اهي عوامي مسئلن مهانگائي، روزگار، ۽ بنيادي سهولتن بابت سان لاڳاپيل هئا. قانوني ماهر جبران ناصر چيو ته هي تحريڪ ڪنهن هڪ جماعت نه پر عوام جي گڏيل تڪليفن جي نمائندگي ڪري رهي هئي، جنهن ۾ مزدور، شاگرد، ۽ واپاري سڀ شامل هئا. ٻئي پاسي، عالمي سطح تي ڳڻتي جو اظهار ان خبر تي ڪيو پيو وڃي جيڪا فائنانشل ٽائمز شايع ڪئي، جنهن موجب پاڪستان آمريڪا کي بلوچستان جي پسني واري علائقي ۾ فوجي اڏو ڏيڻ جي غيررسمي آڇ ڪئي آهي. سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان يا بلوچستان جي معدنيات وڪري لاءِ آهي؟ يا عوام کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ وسيلا نيلام ڪيا ويندا؟ ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها ڳالهه درست نڪتي ته ايران ۽ چين کي سخت خدشا پيدا ٿيندا، ڇو ته اهو خطي ۾ جاسوسي ۽ آمريڪي فوجي موجودگي وڌائڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. چين، پاڪستان جو سڀ کان وڏو دفاعي ۽ اقتصادي ساٿي آهي، يقيني طور اهڙي ڪنهن قدم تي ڳڻتي جو اظهار ڪندو، خاص ڪري جڏهن گوادر بندرگاهه اڳ ئي چين جي سيڙپڪاريءَ جو مرڪز آهي. تجزين مطابق، پاڪستان حڪومت جي اهڙي پاليسي غيرملڪي رضا لاءِ آهي، جيڪا ملڪ جي اندروني حالتن ۽ علائقائي استحڪام لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. هوڏانهن آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته جيڪڏهن چين جي طرفان گوادر بندرگاهه جي تعمير پاڪستان جي معيشت کي تبديل نه ڪري سگهي ته آمريڪا کي پسني جي بندرگاهه جي پيشڪش سان به ملڪ جي تقدير بدلجڻ جي ڪا اميد ناهي۔ هن جو چوڻ هو ته ڪنهن به بيروني سيڙپڪاري يا بندرگاهي منصوبي کي ملڪي پاليسين ۽ اداري واري سڌارن کان سواءِ معيشت جي ڪاميابي جي ضمانت نه سمجهيو وڃي۔دفاعي معاملن جي ماهر عائشه صديقه چيو آهي ته جيڪڏهن پسني ۾ نئين بندرگاهه جو منصوبو حقيقت بڻجي ٿو ته هي پاڪستان جي پرڏيهي ۽ معاشي پاليسي ۾ هڪ وڏي تبديلي هوندي۔ هن چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير آصف زرداري کي چين موڪلي انهن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته ٻئي طرف هو آمريڪا کي پنهنجو نئون ڀائيوار بڻائڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيو اهي، عائشہ صديقه موجب سوال هي آهي ته جڏهن ملڪ جون موجوده بندرگاهون جهڙوڪ گوادر ۽ پورٽ قاسم اڌ صلاحيت تي به ڪم نه ڪري رهيون آهن ته پوءِ نئين بندرگاهه کولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي،اڳوڻي مشير شهزاد اڪبر چيو آهي ته وائٽ هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۽ ان جي تصوير رڳو رسمي ڪارروائي نه هئي پر ان جي پويان ڪيترائي گهرا منصوبا هئا۔ گوادر چين جي حوالي ڪيو ويو، پسني آمريڪن کي ڏيڻ جي ڳالهه هلي رهي آهي،