ڀارت ڪو ايڊونچر ڪيو ته خوفناڪ جواب ڏنو ويندو: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري ( آءِ ايس پي آر) ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ايڊونچر ڪيو ويو ته ان جو خوفناڪ جواب ڏنو ويندو. آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڀارتي سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اعليٰ ترين سطح تان آيل چڙ ڏياريندڙ بيانن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته غير ذميواراڻا بيان جارحيت لاءِ هٿ ٺوڪيا بهانا ٺاهڻ جي نئين ڪوشش جي نشاندهي ڪن ٿا. آءِ ايس پي آر موجب، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارت  تشدد کي ڀڙڪائڻ، ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر دهشتگردي ڪرائي، اهڙا بيان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳنڀير نتيجن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آءِ ايس پي آر چيو ته هاڻي دنيا ڀارت کي سرحد پار دهشتگردي جو اصل چهرو ۽ علائقائي عدم استحڪام جو مرڪز مڃي ٿي، هلندڙ سال مئي ۾ پاڪستان خلاف ڀارتي جارحيت ٻن ايٽمي طاقتن کي هڪ وڏي جنگ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو هو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ائين لڳي ٿو ته ڀارت پنهنجي ويڙهاڪ جهازن جي ملبي ۽ پاڪستان جي ڊگهي فيصلي تائين مار ڪندڙ جهازن جي ڪاوڙ کي وساري ويٺو آهي. اجتماعي ويسر جي بيماري ۾ مبتلا ڀارت هاڻي ايندڙ دور جي ٽڪراءَ لاءِ پريشان نظر اچي رهيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري جو چوڻ هو ته ڀارت جا غير ذميواراڻا بيان جارحيت لاءِ هٿ ٺوڪين بهانن جون نيون ڪوششون آهن، دنيا ۾ دهشتگردي ۾ ملوث ڀارت جو چهرو وائکو ٿي چڪو آهي، چتاءُ ڏيون ٿا ته جيڪڏهن ڪو ايڊونچر ڪيو ويو ته خوفناڪ جواب ڏنو ويندو. وڌيڪ چيو ويو ته ڀارتي دفاع واري وزير ۽ فوجي ۽ فضائي سربراهن چڙ ڏياريندڙ بيان ڏنا، اسان خبردار ڪريون ٿا ته مستقبل ۾ ڪو ٽڪراءُ خوفناڪ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪڏهن جنگ جو هڪ نئون دور شروع ٿيو ته پاڪستان پوئتي نه رهندو، اسان بنا ڪنهن ڪيٻائڻ جي يا رنڊ روڪ جي ڀرپور جواب ڏينداسين. آءِ ايس پي آر چيو ته جيڪي ماڻهو هڪ نئون معمول قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن کين خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان رد عمل جو هڪ نئون معمول قائم ڪري ڇڏيو آهي جيڪو تيز، فيصلائتو ۽ تباهه ڪندڙ هوندو. آءِ ايس پي آر چيو ته غير ضروري ڌمڪين ۽ جارحيت آڏو پاڪستان جو عوام ۽ هٿياربند فوج دشمن جي هر ڪنڊ ۾ جنگ کڻي وڃڻ جي صلاحيت ۽ عزم رکن ٿا، هن ڀيري اسان جغرافيائي عدم مداخلت جي مفروضي کي ٽوڙينداسين ۽ ڀارت جي ڏورانهن علائقن کي نشانو بڻائينداسين. جيستائين پاڪستان کي نقشي تان مٽائڻ جي ڳالهه آهي، ڀارت کي خبر هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال پيش آئي ته اهو ٻطرفو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.