جيڪب آباد (رپورٽ: رپورٽ سڪندر علي سرڪي ) جيڪب آباد جي بولان پاڙي جي رهواسي پنهور برادري پاران مبينا ڊاڪٽر جي غفلت سبب فوت ٿيل الله ڏنو پنهور جي معصوم پٽ قمبر پنهور جو لاش بولان پاڙي ۾ شڪارپور روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، مڇريل ماڻهن روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي، فوت ٿيل معصوم نينگر جي والد الله ڏنو پنهور صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي پٽ قمبر جي طبيعت خراب ٿي جنهن بعد اسين جيڪب آباد جي ڊاڪٽر واحد بخش لغاري ڏانهن وياسين ان وقت منهنجو پٽ معمولي بيمار هو پر ڊاڪٽر جيئن منهنجي پٽ کي ڊرپ لڳائي ان وقت منهنجي پٽ جي حالت خراب ٿي وئي جنهن بعد امام سينٽر وياسين جتان ڊاڪٽرن جواب ڏنو ۽ پوءِ اسين سکر حرا اسپتال پهتاسين جتي منهنجي پٽ دم ڏنو، ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.