رياض ابڙي جي ڪمهلي وڇوڙي تي سوچجي ٿو ته ڪيئن ڪي ماڻهو پنهنجي ڄمڻ کان وٺي ساهه جي آخري هڏڪي تائين اهڙي لياقت ۽ وفا سان جڙيل رهندا آهن، جو سندن وڇوڙو محض هڪ ماڻهوءَ جو وڇوڙو نه هوندو آهي پر ڄڻ وقت جي هڪ مڪمل باب جو بند ٿي وڃڻ هوندو آهي. رياض ابڙو به اهڙو ئي هڪ شخص هو، جنهن جي زندگيءَ جا ورق رڳو سندس ذات تائين محدود نه هئا، پر سڄي سنڌ جي فڪر، ادب ۽ علم سان ڳنڍيل هئا. سندس لاڏاڻي جي خبر جڏهن پهتي، تڏهن دل تي اهڙي طرح ڌڪ لڳو، جيئن ڪنهن اوچتي طوفان دل جا در کڙڪايا هجن ۽ يادگيرين جا ڪٽورا ڇلجي پيا هجن. هن جو وڃڻ منهنجي لاءِ رڳو هڪ دوست، ساٿي ۽ هم ڪلاسي جو وڃڻ نه آهي، پر منهنجي پنهنجي ماضيءَ جي هڪ وڏي حصي جو ٽٽڻ آهي، جيڪو هاڻي ڪڏهن به وري جُڙي نه سگهندو.
اسان ٻئي هڪ ئي ڳوٺ گابر مسڻ باڊهه جا رهواسي هئاسين. رياض منهنجو نه رڳو ڳوٺائي هو، پر منهنجو ويجهو عزيز، هم ڪلاسي ۽ هم عمر به هو. پرائمري کان مڊل تائين جي سفر ۾ اسان رڳو پڙهائيءَ جا ساٿي نه هئاسين، پر زندگيءَ جي هر خوشي ۽ هر راند جا به ساٿي رهياسين. ڪرڪيٽ اسان لاءِ رڳو هڪ راند نه هئي، پر هڪ جنون هو. اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان رياض هوندو هو. هو نه رڳو ڀلوڙ بيٽسمين ۽ بالر هو، پر پنهنجي ٽيم کي حوصلي ۽ حڪمت عملي سان اڳتي وٺي وڃڻ جي صلاحيت به رکندو هو. اڄ جڏهن انهن ڏينهن کي ياد ڪريان ٿو، تڏهن لڳي ٿو ته رياض جو ڪپتانيءَ وارو انداز سندس شخصيت ۾ هميشه لاءِ رچي ويو هو، ڇاڪاڻ ته پوءِ به هو زندگيءَ جي ميدان ۾ پنهنجن ساٿين لاءِ اڳواڻ، همت وڌائڻ وارو ۽ رهنمائي ڪندڙ رهيو.
ننڍپڻ جا اهي ڏينهن اڄ به چٽي طرح ياد آهن، جڏهن رياض ۽ مان صبح جو سوير گڏ ٿيندا هئاسين ۽ رات جو دير تائين گڏ رهندا هئاسين. اهو ساٿ رڳو دوستيءَ جو نه پر ڀائپيءَ جو هو. اسان جو والد ڊاڪٽر آفتاب ابڙو جيڪو نوڪري جي سانگي سان اڳ ۾ ئي ڪراچي ۾ رهندو هو، جنهن اسان کي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪراچي گهرايو، ته تڏهن به رياض سان اهو رشتو ڪڏهن به نه ٽُٽو. مون سنڌ جي تاريخي درسگاهه سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي، پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌايو ۽ ڪاروبار شروع ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ رياض به ڪراچي لڏي آيو. زندگيءَ جي سفر ۾ اسان جا رستا وري ساڳيا ٿيا. هن بينڪ ۾ نوڪري اختيار ڪئي، پر ان سان گڏ پنهنجي تعليم جو سلسلو جاري رکندي سنڌ مدرسي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. اهو سندس علم سان بي پناهه لڳاءَ ۽ جستجوءَ جو ثبوت هو.
رياض ابڙي جو هڪ پاسو جيڪو مون کي هميشه متاثر ڪندو رهيو، اهو سندس ادب سان لڳاءُ هو. هو رڳو پڙهندڙ نه هو، پر هڪ سچو دوست، ساٿي ۽ اتساهيندڙ شخص هو. جڏهن به ڪو نوجوان ليکڪ پنهنجو ڪتاب ڇپرائيندو هو ته رياض ان کي خريد ڪري پڙهندو هو ۽ ان تي تفصيلي تبصرو لکي اخبارن توڙي رسالن ۾ شايع به ڪرائيندو هو. هن جو اهو عمل ڪيترن ئي نوجوانن لاءِ زندگيءَ جي وڏي حوصلا افزائي هوندي هئي. هو ڄڻ هڪ اهڙو اديب هو، جيڪو ٻين اديبن جي ڪلهي تي هٿ رکي کين اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندو هو. اديبن جي سنگت ۾ رهڻ، انهن سان علمي ۽ ادبي ڳالهيون ڪرڻ ۽ سندن ڪم کي اُجاگر ڪرڻ سندس زندگيءَ جو اهم حصو رهيو.
مون کي فخر آهي ته اسان جي اداري پيڪاڪ پاران رياض جا ٻه اهم ڪتاب ڇپيا، جن مان هڪ “عالمي سياست ۽ پاڪستان” ۽ ٻيو انگريزي ۾ “Power Politics & Muslim World” (اقتداري سياست ۽ اسلامي دنيا) هو. ٻنهي ڪتابن کي سنڌ اندر ۽ ٻاهر وڏي پذيرائي ملي. هي ڪتاب رڳو سياسي تجزيا نه هئا، پر عالمي حالتن، ملڪي سياست ۽ مسلم دنيا جي پيچيده معاملن تي هڪ گهري فڪر جو نتيجو هئا. رياض نه رڳو ملڪي سياست تي نظر رکندو هو، پر عالمي سياست جي اٿل پٿل، ڀڃ ڊاهه، ڇڪتاڻ ۽ جنگي حالتن تي به پرمغز مضمون لکندو رهيو. سندس هر لکڻيءَ ۾ هڪ اهڙي گهرائي ۽ سنجيدگي هوندي هئي، جيڪا پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. رياض جي لکڻ جو سلسلو سندس زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين جاري رهيو.