ادي ملڪه خبر ناهي ڪهڙي لمحي ۾ پنهنجي ڪشادي اڱڻ تي ٻانهون سيرانديءَ ڪري ستارن جي لاٽن سان پنهنجي مرڪ کي ملائيندي ان آرٽ جي سهيلي ٿي وئي، جيڪائي فقط هن جهان فانيءَ ۾ پائدار آهي، خبر ناهي سندس دل جي ستار تي نثري نظم ڪڏهن وڄڻ شروع ٿيا ۽ هن داخلي ۽ خارجي درد مان سرور وٺڻ شروع ڪيو۔
سنڌي شاعريءَ جو سچيت نقاد رحمت پيرزادو سندس شاعريءَ بابت زبردست ڳالهه ڪندي لکي ٿو: ”سندس شاعريءَ جو محور ڳوٺ آهي، رشتا آهن، احساس آهن“ وڌيڪ لکي ٿو:”نثري شاعري بنا احساس جي اڌوري آهي۔“ هاڻي رحمت جي ٻڌايل ادي ملڪه جي شاعريءَ جي محرڪن کي ڏسون ته ڳوٺ يعني سندس وجود جي ارتقا جو پهريون ڏاڪو، سرسبز، سرن ۾ پويل شاندار روايتن جو مرڪز، رشتا يعني نازڪ ڌاڳن ۾ ٻڌل دل، ۽ سڀ کان وڏو محرڪ جنهن کان سواءِ نثري شاعري اڌوري آهي مثال طور سندس هي شاهڪار نثري نظم جنهن پنهنجي دور جي ذهنن کي يقينن جهنجهوڙي رکيو هوندو ”بيل گاڏي“ ان تي ٿورو غور ڪريون ٿا نظم شروع ٿئي ٿو:
”باک ڦٽيءَ جي
خاموشيءَ کي
چيريندڙ
بيل گاڏيءَ جو آواز
ايندو رهيو۔“
ايستائين ته ٺيڪ آهي، عام ڳالهه آهي ته ڳوٺن ۾ پرھ ڦٽيءَ جو بيل گاڏيءَ جو آواز جتي ماحول ۾ ترنم پئدا ڪندو هو اتي الڪن کي به جنم ڏيندو هو جو ان وقت سوارين جو جوڳو انتظام ڪون هو ۽ ماڻهو ان مڌر آواز تي به چوندو هو ته خدا خير ڪري، پاڻ اڳتي وڌئون ٿا جڏهن نظم اڳتي هلي ٿو:
”مان سوچيان ٿي
بنج هزار سالن کان
اها گاڏي هلندي رهي۔
اتي پڙهندڙ ڇرڪي وڃي ٿو ۽ سوچ جي سنڌو درياھ ۾ غوطا کائڻ لڳي ٿو ته اها بيل گاڏي پنج هزار سالن کان درد کي ڍوئيندي ٿي رهي ۽ وري ڇا ته غير معمولي پڄاڻي آهي:
”۽ ان جي،
ڌڌڙ ۾ ڀريل سوار کي
منزل الائي ڪڏهن ملندي؟
سوچيان ٿو تحريڪ جي بيل گاڏيءَ تي ڌرتيءَ جي ڌڌڙ ۾ ڀڀوت هن پوڙهي سوار (جيئم سيد) کي به منزل الائي ڪڏهن ملندي۔۔۔۔!
عورت جڏهن ڪنهن سان عشق ڪندي آهي ته ان کي پنهنجي سموري وجود ۾ سمائي پنهنجي تصور تي سوار ڪري ڇڏيندي آهي پوءَ سندس ڪنين عادتن سان به پيار ڪرڻ لڳندي آهي پوءَ اها امرتا پريتم هجي يا ادي ملڪه۔
امرتا پريتم ساحر جي سگريٽن جا ٽوٽا يا اڌڙ سنڀالي رکندي هئي ۽ سندس ياد جي لمحن ۾ پنهنجي نازڪ چپن تي دکائيندي هئي، ته ساحر جو پيار دونهين سان گڏ سندس دل ۾ لهي ويندو هو ۽ ادي ملڪه لکي ٿي:
”تنهنجي ياد
سگريٽ جي
دونهين جيان
وڪوڙي
جڏهن ڇڏي ٿي
تڏهن منهنجو من
ڳاڙهي ڦلي مان دکي
خاڪ ٿيو وڃي۔
هي محظ اتفاق آهي يا مشرق جي عورت جو گڏيل احساساتي ورثو آهي؟
انساني شعور جڏهن جوان ٿئي ٿو ته هو مخطلف تضادن تي سوچي ٿو، جيئن ملڻ ۽ وڇڙڻ ۽ اهو سنڌي شاعريءَ جو محبوب موضوع رهيو آهي جيئن اياز به لکيو هو ته:
”هڪ ته هوءَ ملائيم نه هان،
جي ملايئي ته وڇوڙيم نه هان۔“
امر پيرزادي لکيو:
”وڇوڙو ڀوڳ سمجهي تون، لنوائيندي نه ڪر پياري،
عمر ڀي مختصر آ ۽ جواني ڌار ٿي گهٽجي۔“
ڪنهن پياري ماڻهوءَ کان ڪنهن رشتي کان وڇڙڻ جو خوف فطري عمل آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ ۾ هوندو آهي شاعر ان جي رد عمل ۾ مختلف تخليقي فنپارا تخليق ڪندا آهن جيئن ادي ملڪه جو هي نظم:
”دور افق جي نيراڻ ۾
مون ٻه پکي ڏٺا
هڪٻئي سان
چنهبون ملائي
جدا ٿي ويا۔۔۔۔۔۔
مون سوچيو
زندگي ملي جدا ٿيڻ
۽ جدا ٿي
ملڻ جو نالو آهي۔
منهنجي خيال ۾ هڪ تخليقڪار لاءَ اهو لازمي آهي ته اهو پنهنجي اندر جي ٻار کي مرڻ نه ڏئي، ان سان سندس تخليقي اظهار کي غيرمعمولي معصوميت ملندي ۽ اهو پڙهندڙ جي دل تي سڌو اثر انداز ٿيندو، ادي ملڪه به پنهنجي اندر جي ٻار کي زنده رکيو آهي جنهن سندس اظهار کي ابهم جي مرڪ جهڙي معصوميت بخشي آهي ڏسو:
”دل ٿي چاهي
ڪنهن اڙٻنگ ٻار وانگر
ٺينگ ٽپا ڏيان۔۔۔۔
چنڊ کي حاصل ڪرڻ جي
خواهش ڪريان
پر۔۔۔۔۔
زندگي جيئن پوءَ تيئن
ڪيڏي نه وزني ٿيندي ٿي وڃي۔
ادي ملڪه جي احساس جي دنيا ڏاڍي معصوم آهي، جيڪا کيس پنهنجي دور جي منفرد شاعره ڪري بيهاري ٿي مثال هي نظم ئي ڏسو:
”تون ۽ مان
هوند ننڍڙا ٻالڪ ٿي پئون
صاف سٿرو يونيفارم پائي
هٿ ۾ هٿ ڏئي
ڪي ٻاراڻا ٻول ٻولي
پتڪڙيون خواهشون ڪيون
تون ۽ مان
هوند عيد ٿي پئون
وقت جي پابنديءَ سان
ملندا رهون۔۔۔!
هوءَ ٻهراڙيءَ جي عورت آهي ان ڪري سندس ٻولي ڏاڍي خالص آهي هن نظم کي ”پتڪڙيون“ لفظ جي استعمال ڇا ته معصوميت ڏني آهي ۽ پڄاڻيءَ ۾ عيد جيان پابنديءَ سان ملڻ جي خواهش بنھ نئين ۽ سندس تخليقي دئين آهي۔
اها ٻهراڙي جي ڇوڪري جڏهن شهر ۾ اچي ٿي ته شهري حالتون سندس تخليق جو حصو ٿين ٿيون ۽ ڪمال جو جيءَ جهوريندڙ اظهار آهي:
”اڄ به اهائي موسم آ
وري شهر ۾ ٽينشن آ!
مان گئلريءَ ۾ بيٺي آهيان
رستن تي وري ڀڄ ڊڪ
دڪانن جا شٽر بند
پوليس موبائل جو گشت
اڻ اعلانيل قرفيو
ٻاهر ويل گهر جا ڀاتي
شل خير سان اچن
هي ڪهڙي موسم آ
هي ڪهڙو شهر آهي۔
هي نظم ڪراچيءَ جي وڳوڙن جي پس منظر ۾ لکيل آهي، هن نظم ۾ مڪمل شهري ٻولي استعمال ٿيل آهي، جيڪا شاعره جي ذهني پختگيءَ کي ظاهر ڪري ٿي ۽ ٻوليءَ تي سندس دسترس جو ثبوت آهي، ۽ تاريخ جي هڪ ڀيانڪ دور جي عڪاسي نظم کي دوام بخشي ٿي، هي نظم ڪراچيءَ سان ٿيل ويڌن جو هڪ تاريخي دستاويز آهي۔
ادي ملڪه حيدرآباد ۾ جڏهن مون کي ٻڌايو هئو ته هوءَ پنهنجي شاعريءَ جو ڪتاب ڇپرائي رهي آهي ته مون کيس صلاح ڏني هئي ته هوءَ عطيه دائود کان مهاڳ لکرائي منهنجو خيال هئو ته هڪ عورت جيترو گهرائيءَ سان ٻي عورت جي خيال کي پرکي سگهي ٿي اهو مرد جي وس جي ڳالهه ناهي هاڻي پڙهندڙ مهاڳ پڙهي اندازو لڳائي سگهن ٿا ته منهنجي راءِ ڪيتري ڪارگر ثابت ٿي آهي۔
مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ شامل سمورا نثري نظم خارجي ۽ داخلي طور تي احساسن جا عڪس آهن جيڪي پڙهندڙ جي دل کي ڇهي وڃن ٿا ۽ کيس ڇرڪائي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا، بس ادي ملڪه جي خامي اها آهي ته اها سفا ٿوري شاعري ڪندي آهي۔