ڪي به اضافي ٽيڪس نه پيا لڳايون: محمد اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ اضافي ٽيڪس نه پيا لڳايا وڃن، ايندڙ مالي سال جو بجيٽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) تيار نه ڪندو ، عالمي مالي اداري (آءِ ايم ايف) سان ٿيندڙ ڳالهيون صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، اڃا تائين جيڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اها درست طرف هلي رهي آهي، سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ۽ اٽارني جنرل به شرڪت ڪئي، ناڻي واري وفاقي وزير ڪميٽي کي بريفنگ ڏني، محمد اورنگزيب ٻڌايو ته چين ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪيا پيا وڃن، جتي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، پهرين مرحلي ۾ 25 ڪروڙ ڊالر جا پانڊا بانڊ جاري ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته گذريل ڏينهن پاڪستان 50 ڪروڙ ڊالر جي يورو بانڊس جي ادائيگي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر جي يورو بانڊس جي ادائيگي اپريل ۾ ڪئي ويندي، جاري مالي سال جي آخر تائين ٽيڪس ٽو جي ڊي پي کي 11 سيڪڙو تائين آڻڻ جو هدف آهي ۽ اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون، پهرين مالي ٽه ماهي ۾ ٽيڪس جي گهٽ وصولي بابت سوال تي ناڻي واري وزير وضاحت ڪئي ته ڪجهه ٽيڪس ڪيس عدالتن ۾ التوا هيٺ آهن ۽ انهن ڪيسن جي فيصلي کان پوءِ ٽيڪس وصولين ۾ سڌارو ايندو، ٽيڪس پاليسي کي ايف بي آر کان هاڻي ڪڍيو ويو آهي، نئين بجيٽ ناڻي کاتي ٽيڪس پاليسي آفيس تيار ڪندي، ٽيڪس پاليسي آفيس سڄو سال بجيٽ تي صلاح مشورا ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.