ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين ڀرسان معرفاڻي دائوداڻي ۽ مهر برادرين ۾ جاري تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پورهيت مارجي ويو، تعلقي جي آغا فارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانڀيهڙ تي مهر ۽ دائوداڻي معرفاڻي تڪرار جي نتيجي ۾ دائوداڻي معرفاڻي برادري جي هٿياربندن ڳوٺ ڀانڀيهڙ ٻاهران زمين تي ڪم ڪندڙن مٿان فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ مهر برادري جو هڪ نوجوان ساجد علي پٽ حمير علي مهر قتل ٿي ويو، اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ شرط واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال نيو ويو, جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، هوڏانهن ممڻاڻي معرفاڻي ۽ مهر برادري ۾ ڪجھه سالن کان تڪرار هلندڙ هو جنهن ۾ معرفاڻي برادري جي ممڻاڻي ۽ ڪجهھ ٻين پاڙن ۽ مهر برادري ۾ تڪرار هلندڙ هو جنهن جو فيصلو هڪ هفتو اڳ سردارن ۽ چڱن مڙسن جي چوڻ تي ٿي ويو ۽ باقي دائوداڻي معرفاڻي ۽ مهر برادري ۾ تڪرار جو نبيرو ڪون ٿي سگهيو هو جنهن تان اڄ دائوداڻي برادري جي هٿياربندن فائرنگ ڪري مهر برادري جي نوجوان کي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا جنهن جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.